راڳي الهڏنو خاصخيلي فقير

راڳي الهڏنو خاصخيلي فقير

الھڏنو خاصخيلي فقير

الھڏنو خاصخيلي، فقير: فقير الھڏنو خاصخيلي ولد محمد علي خاصخيلي 1952ع ڌاري، ڳوٺ ڌڻي بخش خاصخيلي، لڳ پاڪ سنگهار، تعلقي ٽنڊي الهيار ۾ ڄائو. پرائمري تائين تعليم حاصل ڪري، ننڍي هوندي کان ئي ڳائڻ شروع ڪيائين. 1965ع ۾ فقير طالب حسين جسڪاڻيءَ جي شاگرديءَ ۾ اچي راڳ سکڻ لڳو. 1994ع ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ڳائڻ جي شروعات ڪيائين. راڳ تي مهارت سبب، ريڊيو پاڪستان پاران، 1995ع ۾ کيس فضل فقير سان سُنگ جي صورت ۾ ڳائڻ لاءِ برطانيا جي دؤري تي موڪليو ويو، جتي کيس سٺي مڃتا ملي. ٽيليويزن تي بہ سنگ جي صورت ۾ ڪيترائي پروگرام ڪري چڪو آهي. سنڌ جي وڏن وڏن ميلن ۾ ڳائي چڪو آهي. سندس پٽ ذوالفقار علي خاصخيليءَ جو هڪ آڊيو البم پڻ مارڪيٽ ۾ اچي چڪو آهي. سندس ٻيو پٽ ديدار علي خاصخيلي، نئين ٽهيءَ جي شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1952.00.00  عيسوي

فقير الهڏنو خاصخيلي 1952ع ڌاري تعلقي ٽنڊي الهيار ۾ ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جتوئي مولوي نذير حسين جلالي
رائيٽ ڀائر
رفيق سومرو
عبدالرزاق سومرو شھيد
ديوان ٽھلرام کيمچند
شوڪت حيات خان سردار
دلو راءِ
جلال حجام سنڌي شيخ
شني آهوجا
ڀليڏنو کٽي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون