ڊاڪٽر الهه رکيو ٻُٽ

ڊاڪٽر الهه رکيو ٻُٽ

الھرکيو ٻٽ ڊاڪٽر

الھرکيو ٻُٽ، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جو مشھور محقق پروفيسر ڊاڪٽر الھرکيو ٻُٽ، ميھڙ تعلقي جي ڳوٺ ”ٻُٽ سِرائيءَ“ ۾، پھرين ڊسمبر 1946ع تي ڄائو. سندس پيءُ جو نالو شاھہ محمد ٻُٽ هو. شروعاتي تعليم پنھنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪرڻ کان پوءِ، ثانوي تعليم دادوءَ مان حاصل ڪئي. پاڻ لائبريري سائنس ۾ پي. ايڇ. ڊي هئڻ سان گڏ سنڌ يونيورسٽيءَ جو گولڊ ميڊلسٽ هو. سندس تصنيفن ۾ ”سنڌ ۾ ڪتبخانن جي تاريخ“، ”سنڌي رسالن جي تاريخ“، ”سماٽ“، ”سنڌي طباعت ۽ اشاعت“، ”سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيل ڪتابن جو جائزو“ (1819ع کان 1930ع تائين)، ”شاھہ جي رسالي جي لغوي معنيٰ“ (جلد پھريون) ۽ هٿ جا هنر (سليم ڀٽو لطيفي سان گڏ) شامل آهن. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ لائبرري ۽ انفارميشن سائنس شعبي جو چيئرمئن رهيو. ان کان علاوہ سنڌالاجي ڄام شوري جو ايڊيشنل ڊائريڪٽر (97-1996ع)، سنڌ يونيورسٽيءَ جو پرووائيس چانسلر ۽ سکر ۽ لاڙڪاڻي تعليمي بورڊن جو چيئرمئن ٿي رهيو. قديم ڪتابن، لائبرري سائنس، سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب تي ڪم ڪندڙ انگريز عالمن تي سندس ڪيترا ئي تحقيقي مضمون اخبارن ۾ ڇپيا. سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي لائبرري ڪاميٽيءَ، تعليمي ۽ رٿابندي ڪاميٽيءَ جو ميمبر پڻ رهيو. ان کان علاوہ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۽ انسائيڪلوپيڊيا آف شاھہ لطيف جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر بہ رهيو. 29 اپريل 2016ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1946.12.01  عيسوي

پروفيسر ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ ڳوٺ ” ٻُٽ سِرائيءَ “ ۾ ، پهرين ڊسمبر 1946ع تي ڄائو


2016.04.29  عيسوي

ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ 29 اپريل 2016ع تي گذاري ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيخ عبدالعزيز قنڌاري
اختر حميد خان
ادريسي
آمنہ بلوچ
غلام اسحاق خان
بھرام
تان رس خان
غلام محمد ڀٽي
قادر بخش نظاماڻي
ابراهيم فقير مست جيسلميري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون