ادريسي

ادريسي: ابوعبدالله بن ادريس عرب جو مشهور مؤرخ ۽ جاگرافي نويس هو، شريف ادريسيءَ جي نالي سان به سڏيو ويو، سبته (مغرب اقصيٰ) ۾، 492هه/1099ع ۾ ڄائو. قرطبه (اسپين) ۾ تعليم حاصل ڪيائين. آفريڪا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن جي سياحت ڪيائين ۽ اتان جي ڪارآمد معلومات حاصل ڪيائين. آخرڪار صقليه جي نارمن بادشاهه راجر ٻئين کيس پنهنجي درالحڪومت پلرمو ۾ گهرايو. ادريسيءَ سندس فرمائش تي دنيا جو نقشو ۽ مفصل جاگرافي ”نزهت المشتاق“ جي نالي سان تصنيف ڪئي، جيڪا هڪ مستند ڪتاب جي حيثيت سان صدين تائين مشرق ۽ مغرب ۾ مقبول رهي. هن بادشاهه لاءِ چانديءَ جو ڪره به ٺاهيو هو. سال 549هه/1154ع ۾ وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1099.00.00  عيسوي

ادريسي: ابوعبدالله بن ادريس عرب جو مشهور مؤرخ ۽ جاگرافي نويس هو ، شريف ادريسيءَ جي نالي سان به سڏيو ويو ، سبته ( مغرب اقصيٰ ) ۾ ، 492هه/1099ع ۾ ڄائو .


0492.00.00  هجري

ادريسي: ابوعبدالله بن ادريس عرب جو مشهور مؤرخ ۽ جاگرافي نويس هو ، شريف ادريسيءَ جي نالي سان به سڏيو ويو ، سبته ( مغرب اقصيٰ ) ۾ ، 492هه/1099ع ۾ ڄائو .


1145.00.00  عيسوي

سال 549هه/1154ع ۾ وفات ڪيائين .


0549.00.00  هجري

سال 549هه/1154ع ۾ وفات ڪيائين .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مير عبدالرزاق سبزواري
سميع الله ڪلهوڙو
شاهنواز ڀٽي
ادا قاضي
پائلو بياجي
محمد ابراهيم پنهور
ڪرهيو ڀانڊاري شيخ
ڀڳت پرتاب
عبدالحميد آخوند
آچر فقير
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون