
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل چانڊيو: برک اداڪار اسماعيل چانڊيو، پهرين جنوري 1965ع تي تعلقي ميهڙ جي ڳوٺ احمد خان چانڊيي ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو غلام علي چانڊيو آهي. شروعاتي تعليم ميهڙ مان حاصل ڪيائين، بعد ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي. اي ڪيائين. کيس اداڪاري جو شوق ننڍپڻ کان هو. ان شوق سبب پي. ٽي. وي ڪراچي سينٽر پهتو. سندس پهريون ڊرامو ”ڀرم“ هو، جنهن جو ڊائريڪٽر هارون رند ۽ ليکڪ عبدالقادر جوڻيجو هو. اسماعيل چانڊيي اڍائي سئو کان وڌيڪ سنڌي توڙي اردو ڊرامن ۾ بھترين اداڪاري ڪئي آهي. سندس مشھور ڊرامن ۾ شوڪت شوري جو لکيل ”باک“ (ڊائريڪٽر فيض ٻگهيو)، ”سونيتي“ (ڊائريڪٽر فيض ٻگهيو)، اياز عالم جو لکيل ”ڪُن ۽ ڪنارا“ (ڊائريڪٽر منظور مگسي)، انور ابڙي جو ”ڳوڙهن سندا گل“ (ڊائريڪٽر محمد بخش سميجو)، گوبند خوشحالاڻيءَ جو ”سنيتا“، جنهن جو ڊائريڪٽر فاروق رند هو ۽ ڊرامائي تشڪيل علي بابا ڏني هئي، ”ڌرُو“ (ڊائريڪٽر فاروق رند)، ”خميسي جو ڪوٽ“ (جمال ابڙي جو لکيل)، ”ورهاست“ سيريل، ”سچ وڏو ڏوهاري آ“، لانگ پلي، ”استاد“ وغيرہ شامل آهن. جڏهن تہ فاروق رند جي ڊائريڪشن ۾ اسماعيل چانڊيي جا ڊراما ”داني“، ”چنڊ“ ۽ ”ماني“ مشھور ٿيا ”ڪارا انٽرنيشنل فيسٽيول“ ۾ نامزد ٿيو ۽ 2006ع واري ’ڪارا فيسٽيول‘ ۾ سندس ”داني“ سولو پلي، پهريون نمبر ماڻيو. ڪي. ٽي. اين تي سندس سيريل ”حوا“ مشهوري ماڻي، جنهن جو ليکڪ عثمان ميمڻ هو. لانگ پلي ”سج کي ڦاسيءَ“ ۾ هن ذوالفقار علي ڀٽي جو ڪردار ڪاميابيءَ سان نڀايو، جنهن جو ڊائريڪٽر ايوب گل هو. اردو ڊرامن ۾ اسماعيل چانڊيي ”ريت ڪِي ديوار“ ۾ اداڪاريءَ سان گڏ ڊائريڪشن بہ ڏني، اهو ڊرامو انڊيا جي اي. ٽي. وي تان پڻ نشر ٿيو هو. ’هم ٽي. وي‘ تان پيش ٿيل سندس ٽيلي فلم ”ناؤ مين دريا“ کي پوري پاڪستان جي ٽيلي فلمن ۾ بھترين اداڪاريءَ ۽ ڊائريڪشن جو اوارڊ مليو، ان اوارڊ سان گڏ ان ٽيلي فلم تي 13 لک جو نقد انعام پڻ حاصل ڪيائين. ان ڊرامي جو ڊائريڪٽر فاروق رند ۽ ليکڪ علي بابا هو. ان کان علاوہ اسماعيل جيو ٽي. وي جي ٽيلي فلم ”شيشه“ ۽ هم ٽي. وي جي ”سانس لي زندگي“ ۾ پڻ سٺي اداڪاري ڪئي. سندس اردو ڊرامن ۾ ”پيراني“، ”امان مين اسڪول نهيِن جاؤن گا“ ۽ ”مانگ“ پڻ مشھور ٿيا. انهن ٽنهي ڊرامن جو ڊائريڪٽر فاروق رند هو. اسماعيل چانڊيو هر قسم جو ۽ ڏکئي ۾ ڏکيو ڪردار پڻ ادا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، هُن ماضي ۾ پي. ٽي. وي جي سڀني وڏن ۽ مشھور اداڪارن سان گڏ ڪم ڪيو آهي.
1965.01.01 عيسوي
اسماعيل چانڊيو پهرين جنوري 1965ع تي تعلقي ميهڙ جي ڳوٺ احمد خان چانڊيي ۾ پيدا ٿيو.