استاد حيدري

استاد حيدري

استاد حيدري

استاد حيدري: استاد حيدري جو اصل نالو محمد مٺل چانڊيو آهي. هن 10 اپريل 1936ع تي، سڌوجا ڀرسان سعيدي پير، تعلقي موري ۾ خدا بخش چانڊيي جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ سنڌي فائنل، اديب سنڌي، اديب عالم ۽ اديب فاضل جا امتحان پاس ڪري، 1987ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. هن کي لکڻ پڙهڻ جو شروع کان ئي شوق هو ۽ هن عبرت اخبار کان صحافت شروع ڪئي، ان سان گڏ اخبار ۾ ڪالم لکڻ لڳو. استاد حيدري قومي تحريڪ سان آخري وقت تائين لاڳاپيل رهيو ۽ جي.ايم سيد ۽ عبدالواحد آريسر کي گهڻو ويجهو رهيو ۽ انھن جي يادگيرين کي سميٽي هن ”ساٿي نہ پسان سي“ جي نالي سان ڪتاب لکيو، جيڪو سنجها پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇپيو. ان کان علاوہ ”شاھہ ۽ سچل جا سنيھا“، ”شاھہ جون سورميون“، ”منھنجي من اندر جون ڳالهيون“ (آتم ڪٿا)، ”سُتا اُٿي جاڳ“ ۽ ”شاھہ سنڌ جو ساھہ“ ڪتاب ڇپيل آهن. هن 4 جون 2022ع تي ڳوٺ حيدري چانڊئي، نوان جتوئي ۾ وفات ڪئي، کيس پنھنجي اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو


لفظ استاد حيدريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1936.04.10  عيسوي

استاد حيدري جو اصل نالو محمد مٺل چانڊيو آهي. هن 10 اپريل 1936ع تي، سڌوجا ڀرسان سعيدي پير، تعلقي موري ۾ خدا بخش چانڊيي جي گهر ۾ جنم ورتو.


2022.06.04  عيسوي

استاد حيدري 4 جون 2022ع تي ڳوٺ حيدري چانڊئي، نوان جتوئي ۾ وفات ڪئي، کيس پنھنجي اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀارو مل اَمراڻي سوٽهڙ
خانبهادر غلام محمد خان وساڻ
تحريما ميٺا
ڀڳت پيسو رام
پليجو سسئي
ڪالو فقير
حزب ﷲ ميمڻ شھيد
الطاف اثيم
آزر
در محمد خان مري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون