اختر بخاري

اختر بخاري

اختر بخاري

اختر بخاري: سيد اختر علي شاھہ ولد سيد نياز محمد شاھہ بخاري، ماٿيلو (مومل جي ماڙي) تعلقي گهوٽڪيءَ ۾ 2 فيبروري 1947 ۾ ڄائو. هن مئٽرڪ جو امتحان ڊي سي هاءِ اسڪول گهوٽڪي مان 1963ع ۾ پاس ڪيو ۽ 1967ع ۾ سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد مان بي. اي پاس ڪئي. 1970ع ۾ ايم. اي سياست ساڳي يونيورسٽيءَ مان پاس ڪئي. 1966ع ۾ جي. ايس.ٽي استاد گورنمينٽ هاءِ اسڪول اوٻاوڙي ۾ مقرر ٿيو. 1966ع کان روزاني مهراڻ، سيد سردار علي شاھہ بخاريءَ جي ادارت ۽ سرپرستيءَ ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ شاعريءَ ۽ صحافت جو استاد بہ سيد سردار علي شاھہ کي مڃيائين. 1970ع ۾ استاديءِ کي خير باد چئي، نيويءَ ۾ ڪميشن حاصل ڪيائين، جنهن کي ڪن ذاتي سببن ڪري ڇڏي، باقاعدي صحافتي دنيا ۾ آيو ۽ ذوالفقار علي ڀُٽي کان متاثر ٿي ان جي ساٿ ۾ گڏجي ويو. سيد عبدالله شاھہ جي وڏ وزارت دوران سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر رهيو. سيد حسين شاھہ راشديءَ جي چيئرمينيءَ واري دور ۾ سندس واسطو ڊاڪٽر فھميدہ حسين، جمال ابڙو، امر جليل، مراد علي مرزا، غلام رباني آگري ۽ تاج جويي ۽ سنڌ جي جملي ادب دوستن ۽ تاريخدانن سان رهيو. محترمہ شھيد بينظير ڀٽو جي زندگيءَ تائين پ.پ.پ سان نظرياتي طور تي واڳيل رهيو. سٺو شاعر مضمون نگار، نقاد ۽ صحافي آهي. سندس ٻہ ڪتاب لکيل آهن، پر ڇپيا نہ آهن. جن جا نالا: (1) مذهب ۽ عقل (2) چنگاريان (اردو) آهن. گهوٽڪي شھر ۾ ”وليج پرنٽرس“ نالي سان پريس هلائي رهيو آهي ۽ هفتيوار ”پرھہ ڦٽي“ رسالو باقاعدگيءَ سان ڪڍي رهيو آهي. ’مومل جي ماڙي‘ ماٿيلي جي تاريخي آثارن جي بچاءَ لاءِ سرگرم رهيو آهي ۽ علم دوست، اڳوڻي ضلعي آفيسر شفيق احمد مهيسر جي سهڪار سان ميوزيم قائم ڪرايو اٿس ۽ مومل جي ماڙيءَ جي تاريخي آثارن کي چوڌاري لوهي جهنگلو ڏيارڻ ۽ ان جي اهميت تي سيمينار ڪرائڻ سندس شاندار ڪمن ۾ شامل آهي. اڄڪلھہ اي.پي.پي ۽ پي. ٽي. وي سان واڳيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.02.02  عيسوي

اختر بخاري: سيد اختر علي شاهه ولد سيد نياز محمد شاهه بخاري ، ماٿيلو ( مومل جي ماڙي ) تعلقي گهوٽڪيءَ ۾ 2 فيبروري 1947 ۾ ڄائو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پير ڇٽو
صوفي لعل بخش ڪانڌڙو
چرن سنگهه
اسلم بيگ مرزا
پوراني ميرڪ سيد محمد
ارباب حاجي عبدالله
بخش علي جتوئي
پائلا
زين نوراني
برٽن رچرڊ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون