اُحد جي جنگ: جنگ بدر کان پوءِ نبي سڳوري صلي ﷲ علي وسلم جي وڏي جنگ شوال 3 ھہ/23 مارچ 625ع ۾ لڳي، جنهن جا ذميدار قريش هئا، جن بدر واري جنگ جو بدلو وٺڻ لاءِ حملو ڪيو هو. نبي سڳوري جن ستن سَوَن اصحابين سان ڊاٻو ڪيو. قريش ٽن هزارن جي لشڪر سان گڏ الهندي طرف هئا. نبي سڳوري جن ننڍي ٽڪريءَ تي پنجاھہ تيرانداز بيهاري ڇڏيا هئا تہ جيئن اُهي اسلامي لشڪر جي حفاظت ڪن، ۽ کين تاڪيد ڪيائون تہ ڪنهن بہ حالت ۾ پنھنجي جاءِ نہ ڇڏين. قريشن پهرئين ئي حملي ۾ ڀاڄ کاڌي تہ پاڻ سڳورن جا بيهاريل تيرانداز بہ پنھنجي جاءِ ڇڏي ميدان ۾ لھي آيا. قريشن اهو ڏسي موٽي اچي، انهيءَ هنڌان مسلمانن جي لشڪر تي حملو ڪيو، جنهنڪري مسلمانن کي سخت مالي ۽ جاني نقصان پهتو ۽ خود نبي سڳوري صلي ﷲ عليہ وسلم جن جا ٻہ ڏند مبارڪ بہ شھيد ٿي پيا.
0003.10.00 هجري
اُحد جي جنگ: جنگ بدر کان پوءِ نبي سڳوري صلي الله علي وسلم جي وڏي جنگ شوال 3 هه/23 مارچ 625ع ۾ لڳي ،
0625.00.00 عيسوي
اُحد جي جنگ: جنگ بدر کان پوءِ نبي سڳوري صلي الله علي وسلم جي وڏي جنگ شوال 3 هه/23 مارچ 625ع ۾ لڳي ،