ابو علي سنڌي: ابو علي سنڌي بايزيد بسطاميءَ جو استاد هو. بايزيد بسطاميءَ فرمايو آھي تہ ”مون ابو عليءَ کان توحيد ۾ فنا جو علم سکيو. ۽ ابو عليءَ مون کان ”الحمد“ ۽ قل ھو ﷲ سکندو رھيو“. مولانا عبيدالله سنڌيءَ ھڪ دفعي فرمايو تہ شيخ ابو علي سنڌي نو مسلم ۽ ويدانيت واري فلسفي جو وڏو عالم ھو ۽ انھي فلسفي جو بنياد ئي توحيد ۾ فنا ٿيڻ ۾ آھي. شيخ با يزيد بسطامي ھن نو مسلم ويدانتيءَ کان توحيد جا حقائق ۽ انھيءَ علم جون باريڪيون دليلن سان سمجهندو ھو، ابو علي نو مسلم ھجڻ جي ڪري نماز جي ننڍين سورتن جي تعليم وٺندو ھو. ڇاڪاڻ جو نو مسلم لاءِ نماز جون ننڍيون سورتون سکڻ تمام ضروري ھو. ھن مان ظاھر آھي تہ اسلامي تصوف ۾ جو وحدت الوجود جي مسئلي جو ميلاپ ٿيو آھي. ان جو بنياد شروع ۾ سنڌ جي نو مسلمانن جي ذريعي پيو آھي. ان کان پوءِ علم يا فلسفو ۽ خدا شناسي سموري دنيا تي صوفياء ڪرام جي ذريعي حاوي ٿيا. شيخ ابو علي سنڌيءَ جي وفات جي تاريخ معلوم نہ ٿي سگهي آھي.