
آغا محمد يحييٰ خان
آغا محمد يحييٰ خان: پاڪستان جو اڳوڻو ڪمانڊر ان چيف آغا محمد يحييٰ خان، 1917ع ۾ ڄائو. هن 1938ع ۾ فوج ۾ ڪميشن حاصل ڪئي. مختلف عهدن تي رهڻ کان پوءِ کيس اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا ۾ انسٽرڪٽر مقرر ڪيو ويو.
پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ سندس ڪئريئر جنرل محمد ايوب خان جي عملي سرپرستيءَ ۾ تيزيءَ سان ترقي ڪندو رهيو، تان جو 1957ع ۾ کيس ميجر جنرل جي عهدي سان گڏ چيف آف آرمي اسٽاف جو عهدو بہ ڏنو ويو. آڪٽوبر 1958ع ۾ ايوبي مارشل لا جو مُک مُهرو بہ هيءُ ئي هو. جنوري 1959ع ۾ صدر ايوب خان ڪراچيءَ جي ناسازگار حالتن کي ڏسندي نئين گاديءَ جي هنڌ بنائڻ لاءِ هڪ ڪميشن ٺاهي ۽ يحييٰ خان اُن جو چيئرمئن ٿيو، جنهن راولپنڊيءَ سان لاڳو هڪ علائقي کي ’اسلام آباد‘ جو نالو ڏئي گاديءَ جي هنڌ لاءِ چونڊيو ۽ ان شھر جي انتظام کي هلائڻ لاءِ هڪ مستقل ادارو ’ڪئپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي‘ (C.D.A) جي نالي سان وجود ۾ آيو، جنهن جو پهريون چيئرمئن بہ يحييٰ خان هو.
سيٽمبر 1965ع جي جنگ ۾ کيس ’هلال جرات‘ جو اعزاز ڏئي، پوءِ سيپٽمبر 1966ع ۾ جنرل موسيٰ جي جاءِ تي پاڪستاني فوج جو ڪمانڊر ان چيف بنايو ويو. اڍائي سالن کان پوءِ جڏهن 1968ع ۾ ايوب خان جي خلاف ملڪ جي هر حصي ۾ مظاهرا شروع ٿيا تہ يحييٰ خان، ايوب خان کي صدارتي عهدي کان الڳ ٿيڻ تي مجبور ڪيو ۽ پاڻ صدر مملڪت ۽ چيف مارشل لا ائڊمنسٽريٽر بنجي ويهي رهيو. سندس سنڌ سان نسبت جو وڏو حوالو اهو آهي تہ 1 جولاءِ 1971ع تي ون يونٽ ٽوڙڻ جو اعلان بہ يحييٰ خان ڪيو هو. جنهن بعد سنڌ ايوبي دور کان پوءِ هڪ ڀيرو وري پاڪستان ۽ دنيا جي نقشي تي نمودار ٿي.
هن جي دؤر ۾ ملڪ جون حالتون تمام خراب ٿي ويون. 16 ڊسمبر 1971ع تي اوڀر پاڪستان بنگلاديش بنجي ويو. هڪ پاسي ذوالفقار علي ڀٽو ۽ٻئي طرف شيخ مجيب الرحمان ليڊر ٿيا. صورتحال نازڪ ٿي وڃڻ سبب يحييٰ خان کي استعيفا ڏيڻ تي مجبور ڪيو ويو. 20 ڊسمبر 1971ع تي جنرل يحييٰ خان صدارت ۽ چيف مارشل لا ائڊمنسٽريٽر جي عهدن تان استعيفا ڏني ۽ اهي ٻئي عهدا ذوالفقار علي ڀٽي صاحب سنڀاليا. 8 جنوري 1972ع تي يحييٰ خان کي نظربند ڪري، سندس خواهش تي کيس لنڊن روانو ڪيو ويو.
9 آگسٽ 1980ع تي وفات ڪري ويو.
1917.00.00 عيسوي
پاڪستان جو اڳوڻو ڪمانڊر ان چيف آغا محمد يحييٰ خان ، 1917ع ۾ ڄائو .
1980.08.09 عيسوي
آغا محمد يحييٰ خان 9 آگسٽ 1980ع تي وفات ڪري ويو .