آري چنگهڻ (لٺ) 3: هن ماڳ تي بہ هڪ پاهڻي لٺ کتل آهي جيڪا قبل از تاريخ جي آهي. اها ديھہ مول، تعلقي ٿاڻو بولاخان، ضلعي ڄام شورو. اتر ويڪرائي ڦاڪ 125◦ 30′ 62″ اوڀر 27◦ 28′ 68″ تي واقع موجود آھي. هي ماڳ آري پير مقام کان ٣- ٤ فرلانگ اتر- اولھہ پاسي آھي. ھي پڪو پٿر مناري نما (لٺ) جنھن جي اوچائي ٨٠ . ١ ميٽر، بنياد وٽ ويڪر ٤٥ . ١ ميٽر چوٽي ١٥ . ١ ميٽر ٿولھہ ١٠ . ٠ ميٽر ماپ جو زمين ۾ کتل آھي. چوڌاري ڪنڊن وارا ٻوٽا اٿس. ھن تي ٻيو ڪوبه ثقافتي نشان ڪونه ھو. ھنن منارن بابت اڃا پوري ڄاڻ ڪانہ پئي آھي تہ اھي ڇو ۽ ڇا لاءِ کوڙيا ويا آھن. تحقيق جاري آھي.