آخوند اقبال احمد

آخوند اقبال احمد: اقبال احمد'>آخوند اقبال احمد 1933ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ جنم ورتو. 1949ع ۾ پرڏيھي وزارت جي اعليٰ عھدي تي مقرر ٿيو. ڪئناڊا، سعودي عرب، اسپين، نيوزي لئنڊ، مصر ۽ ملائيشيا ۾ سفارتخانا سنڀاليائين. ھالئنڊ ۾ بيگم لياقت علي خان سفير ھئي تہ اقبال احمد'>آخوند اقبال احمد ان سان گڏ ھو. 1961ع ۾ جڏھن پرنس علي خان اقوام متحدہ ۾ مستقل نمائندو ھو، تڏھن اقبال آخوند بہ اقوام متحدہ ۾ ڪشمير جي مسئلي جي نمائندگي ڪري رھيو ھو. 1968ع ۾ متحدہ عرب جمھوريه ۾ ۽ 1976ع ۾ يوگوسلاويه ۾ پاڪستان جو سفير ۽ 1972ع ۾ اقوام متحدہ ۾ پاڪستان جو نمائندو مقرر ٿيو. اپريل 1976ع ۾ روڊيشيا ۾ اقوام متحدہ جي قائم ڪيل ڪاميٽيءَ جو چيئرمئن چونڊيو ويو. سنہ 1976ع ۾ ٻارھن وڏن بين الاقوامي سفارتڪارن ۾ آخوند صاحب جو نالو بہ شامل ھو. 1988ع ۾ ان وقت جي وزيرا عظم محترمہ بينظير ڀٽي جي فرمائش تي پاڪستان ۾ موٽي آيو ۽ پاڪستان ۾ قومي سلامتيءَ جو مشير مقرر ٿيو. اقبال احمد'>آخوند اقبال احمد، ذوالفقار علي ڀُٽي سان ننڍپڻ کان ئي شناسا رهيو، ڇاڪاڻ جو سندس والد لاڙڪاڻي ۾ ڊسٽرڪٽ ائنڊ سيشن جج ھو. آخوند صاحب پنھنجي پنجاھ سالن جي سياسي ۽ سفارتي يادگيرين بابت ھڪ ڪتاب “Memoirs of a Bystander-A life in Diplomacy”بہ لکيو. سال 1999ع ۾ گذاري ويو.


لفظ آخوند اقبال احمدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1924.00.00  عيسوي

آخوند اقبال احمد 1924ع ۾ حيدرآباد ۾ جنم ورتو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آغا عبدالحميد خان
عبدالحق عالماڻي
فضل قادر قلباڻي
غلام حسين شيدا مخدوم
غلام نبي سمو
پلي حاجي
ڄاموٽ شفقت حسين شاھہ
جرڪس فقير
ٽريور
ابوالحسن ڪبير سنڌي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون