آتم ڪھاڻي: آتم ڪهاڻي جنهن کي انگريزيءَ ۾ Autobiography اردوءَ ۾ خود نوشته ۽ سنڌيءَ ۾ آتم ڪهاڻي چيو وڃي ٿو. ڪنهن بہ شخص جو پنھنجي متعلق لکيل حياتيءَ جو احوال يا سوانح عمري، آتم ڪهاڻي سڏبي آهي. سنڌي ادب ۾ جيڪي آتم ڪهاڻيون لکيون ويون آهن، انهن جا الڳ الڳ قسم آهن، جن ۾: آتم ڪٿا، يادگيريون، ساروڻيون، ڊائري، جيون ڪٿا وغيرہ. سنڌ ۾ پهرين آتم ڪٿا سيٺ نائونمل جي ملي ٿي، جيڪا هن انگريزيءَ ۾ لکي، جيڪا گهڻو پوءِ سنڌيءَ ۾ بہ ترجمو ٿي. ان بعد سنڌي ٻوليءَ ۾ جن عالمن، اديبن، شاعرن، سماجي ۽ سياسي اڳواڻن/ڪارڪنن پنھنجي حياتيءَ جو احوال لکيو، انهن جو ڪجهہ تفصيل هن ريت آهي: ’يادگيريون‘ (سيٺ نائون مل)، ’سائو پن يا ڪارو پنو‘ (مرزا قليچ بيگ)، ’منازل مسافر‘ (محمد صديق مسافر 4)، ’مون وٽ نڪو پيتي نڪو ڪلف‘ (ڀڳت کيمچند آسناڻي)، ’شيخياڻيءَ جي ڪهاڻي‘ (غلام فاطمہ شيخ)، ’نرالي زندگي‘ (نارائڻ داس ملڪاڻي)، ’تان ڪي ڏونگر ڏوريان‘ (محمد صادق ميمڻ)، ’منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي‘ (ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو)، ’جيتامڙي جي ڊائري‘ (سرلا ديوي)، ’پنھنجي ڳالھہ‘ (عبدالله چنا)، ’پنھنجي ڪهاڻي، پنھنجي زباني‘ (جي ايم سيد)، ’سکر سيئي ڏينهن‘ (محمد اسماعيل عرساڻي)، ’منهنجو سفر‘ (قاضي فيض محمد)، ’ڪيئي ڪتاب‘ (رئيس ڪريم بخش نظاماڻي)، ’منهنجي ماضيءَ جا چند ورق‘ (پير عالي شاھہ جيلاني)، ’چولو منهنجو چڪ ۾ ۽ گند جنين جي گوڏ ۾‘ (هري دلگير ٻہ جلد)، ’منهنجي ڪهاڻي’ (ڪامريڊ غلام محمد لغاري)، ’سيئي سڪان ساريان’ (سيد اظهر گيلاني)، ’منهنجو ننڍپڻ‘ (مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ)، ’منهنجي پنھنجي ڪهاڻي‘ (لعل بن يوسف)، ’سنڌڙي منهنجي جندڙي‘ (گوبند مالهي: 5 جلد)، ’ڪجهہ ٻڌايم، ڪجهہ لڪايم‘ (ڪيرت ٻاٻاڻي)، ’ڪٿي تہ ڀڃبو ٿڪ مسافر‘ (شيخ اياز 4 جلد)، ’جمال ابڙي‘ ”ڪٿا“ جي عنوان سان پنج جلد الڳ الڳ نالن سان: ’ڏسي ڏوھہ اکين سين‘، ’اُونهي ڳالھہ اسرار جي‘، ’ٿوهر ۾ ڳاڙها گل‘، ’ايندو نہ وري هي وڻجارو‘ ۽ ’مر پيا مينهن وسن‘)، ’منهنجي حياتيءَ جا سونا روپا ورق‘ (پوپٽي هيراننداڻي)، ’ڳالهيون پيٽ ورن ۾’ (آپا شمس عباسي)، ’جيڪي هلن هيڪليون‘ (بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي)، ’آخري پنا‘ (هري موٽواڻي)، ’بک، عشق ۽ ادب‘ (موهن ڪلپنا)، ’جيون جهلڪيون‘ (چترو ناگپال)، ’ٻپهريءَ جا ٻہ پَلَ‘ (ريٽا شھاڻي)، ’اڳي ايئن هياس‘ (فضل احمد بچاڻي)، ’مجاز ديپڪ ۽ ملهار‘ (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو)، ’سپيريان سندي ڳالهڙي‘ (ممتاز مرزا)، ’آتم جيوني‘، ’حياتيءَ جا حصا’، ’ڌرتيءَ ڌڪاڻل‘، ’الهاس نگر واسي’، ’ٽه مورتي‘ (لعل پشپ: 5 جلد گڏ)، ’آتم ڪٿا هڪ اديب جي‘ (هولارام هنس)، ’وهي کاتي جا پنا‘ (لڇمڻ ڪومل ٽي جلد) ’آتم ڪٿا جي نالي ۾‘ (موتي لال جوتواڻي) ’ڏکيا سُکيا ڏينهڙا‘ (تاجل بيوس)، ’جوڻيون جيءُ جھان جون‘ (سرڪش سنڌي)، ’منهنجي ڪهاڻي ڪجهہ نئين ڪجهہ پراڻي‘ (گڻيش ٻالاڻي، ’سورن سانڍياس‘ (الھہ بچايو مرڻاس)، ’يادِ ايام‘ (ڊاڪٽر عبدالحليم قريشي)، ’سرءُ جا پن‘ (نارائڻ ڀارتي)، ’ڪيم روح رهاڻ‘ (ڊاڪٽر محمد لائق زرداري)، ’پيڙاء جو سفر’ (حميدہ گهانگهرو)، ’منهنجون يادون، منهنجو ننڍپڻ‘ (پروانو سيوهاڻي)، ’ٻنڌڻ ٻاروچن جا‘ (عبدالغفور الستي)، ’گهڙيون گهاريم جن سين‘ (ميمڻ عبدالمجيد سنڌي)، ’ڪويءَ جي ڪٿا‘ (سوز هالائي)، ’منهنجو سورج مکي‘ (شبنم گل)، ’ادبي زندگي‘ (جڳديش لڇاڻي)، ’سيئي جوڀن ڏينهن‘ (عبدالغفار تبسم)، ’جڳ بيتي آپ بيتي‘ (ايم ايڇ پنهور)، ’اصل انگريزي ۾‘، ’سنڌيءَ ۾ ترجمو حاڪم علي شاھہ بخاري‘، ’پورب ڄائي‘ (بينظير ڀٽو)، ’ترجمو مراد علي مرزا‘ ۽ ’ڌرتيءَ ڌيءُ‘ جي نالي سان حسين بادشاھہ ترجمو ڪيو آهي) ’يادگيريون‘ (رام پنجواڻي)، ’غفائن جي ياترا‘ (ٻلديو گاجرا)، ’زندگيءَ جا ورق’ (محمد اسماعيل عرساڻي)، ’جندو منهنجي جند‘ (نسرين وفائي)، ’ڪجهہ يادون ڪجهہ ڳالهيون‘ (فضل ﷲ قريشي)، ’آءٌ جي اها ئي ذات‘ (فاطمہ زهريٰ قاضي)، ’وڃن سُور سنڌا ڪيو‘ (محمد خان ابڙو)، ’اقرار بہ انڪار بہ‘ (يوسف سنڌي)، ’منهنجي ڪهاڻي منهنجي زباني‘ (يار محمد شاھہ)، ’کُٿابي کان پرولتاري تائين‘ (فيض محمد شيدي)، ’سانڀر جي درسنيءَ تان‘ (چيتن ماڙيوالا)، ’تان ڪي ڏونگر ڏوريان‘ (محمد صادق ميمڻ)، ’جي هِت گهاريم ڏينهڙا’ (ڊاڪٽر سهراب سرڪي)، ’هو جي جوڀن ڏينهڙا‘ (عبدالغفار تبسم)، ’اسان پنڌ پرينءَ ڏي‘ (عبدالحئي پليجو)، ’يادون-منهنجو ڳوٺ ۽ پسگردائي‘ (سيد حاجي الھڏنو شاھہ)، ’منهنجي ڪهاڻي منهنجي زباني‘ (مولانا شھاب الدين ڪٽوهر)، ’يادن جي ڳڙکيءَ مان‘ (عبدالرزاق سومرو)، ’مان ڪير آهيان؟‘ (مشتاق چنگيزي)، ’پيهي جان پاڻ ۾‘ (پرويز)، ’يادن جا ورق‘ (علي احمد قريشي)، ’پلئہ پايو سچ‘ (ذوالفقار علي قادري)، ’من اندر جون ڳالهيون‘ (استاد حيدري چانڊيو)، ’آتم ڪٿا’ (امر جليل)، ’رائي پير رت ڪيا’ (امير بخش شر)، ’سروس بخير‘ (اقبال بلوچ)، ’آتم ڪٿا‘ (ڊاڪٽر محمد حسن پيرزادو)، ’ڳالھہ اڙانگي پنڌ جي‘ (شاھہ محمد شاھہ)، ’ڀورائيءَ ۾ ڀال‘ (شاھہ محمد پيرزادو)، ’منهنجون اهم يادگيريون‘ (ڊاڪٽر سيد غلام حسين)، ’دل جي دفتر مان‘ (قاضي خادم)، ’ڪيئن وساريان ويڙهيچن‘ (وينا شرنگي)، ’ماڻڪ چوڻو جن جو‘ (سيد عالم شاھہ)، ’وساريان نہ وسرن‘ (احمد خان جمالي)، ’سچ ٿا مرد چون‘ (حصو ٽيون: سرڪش سنڌي)، ’سون سريکيون ساروڻيون‘ (ڊاڪٽر پرڌان)، ’منهنجي ڪهاڻي، منهنجي زباني‘ (پروفيسر شيام داس جوشي)، ’عرش کان فرش تي‘ (سچانند چاندواڻي)، ’جل مشعل جل‘ (امداد اوڍو) ’جيون سفر سڪ جو‘ (يادگيريون): الھرکيو ڳورڙ)، ’جيڪي مون سکيو ۽ لکيو‘ (آتم ڪٿائي ساروڻيون: ڊاڪٽر پرڌان)، ’اندر روح رهيام‘ (يادگيريون-2: قاضي خادم)، ’جنين پڙهايو پاڻ‘ (خاڪي جويو)، ’پير اڃا مون پنڌ ۾‘ (يادگيريون-3، قاضي خادم)، ’رنگ رتول‘ (آتم ڪٿا-3: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو)، ’ٻاروچا ٻيا بہ گهڻا‘ (يادگيريون: گل محمد هوت)، ’سچ ڇا ڪوڙ ڇا‘ (آنند کيماڻي)، ’گذري جي ويا، سي زمانا ياد پيا‘ (عبدالغفور ڀرڳڙي)، ’13 جولاءِ‘ (محبوب ڀٽي)، ’منهنجي حياتي‘ (رئيس خدا بخش خان جسڪاڻي)، ’سفر زندگيءَ جو‘ (جهونيون يادون: قاضي علي محمد الھرکيو ڏيپلائي)، ’حيات ڪوثر‘ (مرزا علي بخش ڪوثر)، ’ڳالهڙيون کٽيون ناهن‘ (يادگيريون-4: قاضي خادم)، ’ياد ياد هڪ زندگي‘ (ساروڻيون-5: قاضي خادم)، ’آکيرا آڪاس ۾‘ (رام بخشاڻي، مترجم: قمر شھباز)، ’گوندر ويا گذري‘ (جسٽس سيد ديدار حسين شاھہ)، ’سچ ڇا ڪوڙ ڇا‘ (ڀاڱو ٻيو: آنند کيماڻي)، ’يادگيريون‘ (ٻہ جلد: ڪامريڊ ولي محمد مڱڻهار)، ’جيون جي اڌ صدي‘ (شڪست: آتم ڪٿا: ڀاڱو 1: حسن وساڻ)، ’محمد ابراهيم جويو- هڪ صديءَ جو پڙاڏو‘ (آتم ڪٿا)، ’سيد مظهر جميل‘ (سنڌيڪار: پروفيسر محمد سليم ميمڻ)، ’يادگيريون‘ (مجتبيٰ احمد غالب ملڪاڻي)، ’ڳالهيون پيٽ ورن ۾‘ (منير احمد چنا)، ’ڪتيم سڀ ڄمار‘ (شمس جعفراڻي)، ’پاتم جهاتي جھان ۾‘ (شيام ڪمار)، ’ڏکيا سکيا ڏينهن‘ (قادر بخش طالباڻي)، ’فوٽوگرافر جي آتم ڪٿا‘ (خواجہ غلام علي کوساڻي)، ’رنگين بهارون‘ (عطا محمد جسڪاڻي)، ’جوئي آهيان سوئي آهيان‘ (عبدالقادر منگي)، ’اسان مرڻا ناهيون‘ (اقبال ملاح)، ’اسان هِتِ اڪيلا ‘ (غلام عباس ڀنڀرو)، ’ڪتاب زندگيءَ جا ورق‘ (پروانو ڀٽي)، ’حرف نہ ڄاڻان هيڪڙو‘ (ڪوجهو ڪنسٽيبل بجير ٿري'>اڪبر بجير ٿري)، ’هڪ ٻي زندگي جي تمنا‘ (عبدالحئي پليجو)، ’ڪجهہ پنهنجا قصا ڪجهہ پرين جي پچار‘ (شاهنواز مهيسر)، ’مرڪون ۽ مهڪون‘ (اقبال بلوچ)، ’قصو ڪوتاھہ‘ (قاضي خادم)، ’زندگيءَ جو سفر‘ (خاصخيلي محمد رحيم راولاڻي)، ’ڊاڪٽر سنجيدہ مغل جي آتم ڪٿا‘ (ترجمو: ڊاڪٽر تنوير جوڻيجو)، ’منهنجي پيشي جا گل و خار’ (وينا شرنگي)، ’منهنجو سياسي سفر‘ (علي حسن چانڊيو)، ’زندگي جو سفر‘ (محمد علي شيخ)، ’خانا بدوش روح جي ڪٿا ۽ رهيو رُوح رباب‘ (غلام حسين رنگريز)، ’پوري زندگي اڻپوري جدوجھد‘ (عبدالخالق جوڻيجو)، ’سڀ گذر‘ (عطا ﷲ شاھ بخاري)، ’منھنجي حياتي‘ (خدا بخش خان جسڪاڻي)، ’شھاب نامو‘ (آغا شھاب الدين)، ’تاريخ مان ڪجهه نہ پرايوسين‘ (محمد اصغر خان/ حميد سبزوئي)، ’روشني جي پنڌ ۾‘ (سوڀو گيانچنداڻي)، ’ڀورو بگهڙ‘ (مصطفيٰ ڪمال اتا ترڪ / يوسف سنڌي)، ’گذري جي ويا، سي زمانا ياد پيا‘ (عبدالغفور ڀرڳڙي)، ’سارس ساروڻين جا‘ (مير محمد پيرزادو)، ’سفر زندگي جو‘ (قاضي علي محمد الھرکيو ڏيپلائي ميمڻ)، ’يادگيريون‘ (محمد حنيف صديقي)، ’وطن جا وڻ ۽ زندگي جو سفر‘ (پيرجي ٺَڪُر)، ’جان جان هئي جيئري‘ (ڊاڪٽر فھميدہ حسين)، ’وٺي هر هر جنم وربو‘ (جمن دربدر) وغيرہ.