تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

2026-10-19 عيسوي تاريخ ۾


1852.10.19ع :  نواب محمد بهاول خان عباسي ، ٽيون 1268هه/ 19 آڪٽوبر 1852ع تي بخار جي ڪري گذاري ويو . ... وڌيڪ پڙهو 1897.10.19ع :  سليم الزمان صديقي 19 آڪٽوبر 1897ع ۾ لکنؤ (انڊيا) ۾ پيدا ٿيو. ... وڌيڪ پڙهو 1919.10.19ع :  سيد الهه آندو شاهه 19 آڪٽوبر 1919ع تي ڊڀري ۾ وفات ڪئي ... وڌيڪ پڙهو 1940.10.19ع :  نامور مصور ۽ تعليمي ماهر دارا عالم ولد محمد عالم ابڙو، 19 آڪٽوبر 1940ع تي قنبر ۾ پيدا ٿيو.... وڌيڪ پڙهو 1940.10.19ع :   گائڪيءَ جي دنيا ۾ روبينا قريشي جو نالو اهم آهي. سندس جنم 19 آڪٽوبر 1940ع تي صدر، حيدرآباد ۾ ٿيو.... وڌيڪ پڙهو 1955.10.19ع :  هدايتڪار ۽ پروڊيوسر سميع بلوچ، 19 آڪٽوبر 1955ع تي ڳوٺ حاجي عطا محمد لنڊ، ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو. ... وڌيڪ پڙهو 1963.10.19ع :  مير غلام علي خان ٽالپر 19 آڪٽوبر 1963ع تي وفات ڪئي.... وڌيڪ پڙهو 1974.10.19ع :  مراد علي شاهه بڪيرائي 19 آڪٽوبر 1974ع تي بڪيرا شريف ۾ سيد علي محمد شاهه جي گهر ۾ ڄائو.... وڌيڪ پڙهو 1979.10.19ع :  ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ ڪالم نويس امداد ڪانهيو جو پورو نالو امداد علي ولد خير محمد ڪانهيو آهي. هن 19 آ... وڌيڪ پڙهو 1989.10.19ع :  سليم ناصر 19 آڪٽوبر 1989ع تي دل جي دوري پوڻ سبب ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.... وڌيڪ پڙهو

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۾ سنڌ بابت پھريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنھن جا هن وقت تائين 13جلد پڌرا ڪيا ويا آهن، چوڏهون جلد پڻ آخري مرحلي ۾ آهي، جڏهن ته پھريون جُلد پڻ ٻيھر واڌارن سڌارن سان بائيبل پيپر تي مناسب جلدبنديءَ سان ڇپايو پيو وڃي. 2019ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فاضل جج، جسٽس صلاح الدين پنھور ’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘ جي ڇپيل جلدن ۾ ڪجهه غلطين جي نشاندهي ۽ داخلائن جي ترتيب بابت تڏهوڪي سيڪريٽري ثقافت جناب اڪبر لغاري کي عملي طور درستيون ڪرڻ جي هدايتن کانپوءِ اڪبر صاحب جي سربراهيءَ ۾ ايڊيٽوريل بورڊ جڙيو، جنھن ۾ جناب مدد علي سنڌي، ڊاڪٽر اسحاق سميجو ۽ ڊاڪٽر شير مھراڻي شامل هئا، جن سموري مواد جو مرحليوار جائزو وٺي معزز عدالت کي اداري معرفت رپورٽ پيش ڪئي ۽ جنهن کانپوءِ انهن سڌارن جو ڪم شروع ڪيو ويو. ڇاڪاڻ ته لغتن ۽ انسائيڪلوپيڊيائن جو تحقيقي ڪم مستقل هلندڙ ۽ سڌارن جوڳو هوندو آهي، انھيءَ جذبي سان سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو هن اهم تاريخي ماخذ کي وڌ کان وڌ مستند بنائڻ لاءِ ڪوششون جاري رکندو پيو اچي. اداري جي قيام (1991ع) کان ئي سن..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** حداد محمد علي **

حداد، محمد علي: مشھور اديب ۽ محقق محمد علي حداد، 14 آگسٽ 1939ع تي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو. هيءُ ابتدائي ۽ ڪاليجي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ 1970ع واري ڏهاڪي ۾ ناز پائليٽ هاءِ اسڪول خيرپور ۾ استاد مقرر ٿيو، جتي تعليم ۽ تدريس سان گڏ اسڪائوٽن جي بہ رهنمائي ڪندو رهيو. هن کي حضرت سچل سرمست ۽ خيرپور رياست جي تاريخ سان ابتدا کان وٺي لڳاءُ رهيو. هن 1981ع کان سچل سرمست بابت ڇپيل مضمونن ۽ ڪتابن جي ببليوگرافي لکڻ شروع ڪئي ۽ 1982ع ۾ ’سچل جي ببليوگرافي‘ عنوان سان سندس ڪتاب ڇپيو، جنهن تي کيس 1983ع ۾ ’سچل اوارڊ‘ ڏنو ويو. هن ڪجهہ وقت خيرپور جي تاريخ تي ڪم ڪيو ۽ خيرپور ضلعي سان وابستہ ماڳن مڪانن، عمارتن وغيرہ جا فوٽو بہ گڏ ڪيا، پر اهو ڪم سندس وفات تائين مڪمل ٿي نہ سگهيو. 1981ع کان سچل يادگار ڪميٽيءَ پاران ميلي جي موقعي تي ’سرمست‘ رسالو نڪرڻ شروع ٿيو، جنهن جو ايڊيٽر ۽ مرتب ڊاڪٽر تنوير عباسي هو. پهرئين پرچي کان وٺي اياز گل، تنوير عباسيءَ جو ٻانهن ٻيلي ٿي ڪم ڪيو، جڏهن تہ ٻارهين پرچي (1992ع) کان وٺي زندگيءَ جي آخري پساهن (1999ع) تائين ان جو مرتب رهيو.1988ع ۾ شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور پاران ’سچل چيئر‘ قائ....وڌيڪ پڙهو