سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
هجري تاريخ ۾
سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 13جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن تہ جلد چوڏھون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو تہ 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي بہ مواد ۽ تصويرن وغيرہ جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فھميدہ حسين ، ڊاڪٽر ﷲ رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ تہ 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي وي..... وڌيڪ پڙهو
درود شريف: لفظ دُرود فارسي ٻوليءَ جو آهي، صلواة، رحمت، تحسين، آفرين، حمد، ثنا، استغفار، سلام جي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي ٿو. دُرود جيڪڏهن ﷲ تعاليٰ طرفان آهي تہ ان جي معنيٰ رحمت ۽ برڪت ٿيندي. جـيـڪــڏهـن مـلائـڪــن طرفان آهي تہ ان جو مطلب استغفار ٿيندو. جيڪڏهن مومنن طرفان (خصوصاً نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم تي) هوندو تہ اهو دعا ۽ سلام هوندو ۽ جيڪڏهن ٻي ساهواري مخلوق طرفان هوندو تہ اهو تسبيح ۽ حمد هوندو. (اردو لغت ج: 9، ص: 158، جامع اللغات ج: 1، ص: 997،، جامع سنڌي لغات ج: 2، ص: 889). درود کي عربيءَ ۾ ’صلوات‘ چئبو آهي، جنهن جي معنيٰ رحمت، فضل، مِهر، رضا آهي. لفظ صلواة نماز لاءِ بہ ڪم ايندو آهي. نماز خود هڪ دعا ۽ عبادت آهي. لفظ صلوٰة جون ٻہ معنائون آهن. جڏهن صلوات معنيٰ نماز وٺبي تہ اها خالص خدا تعاليٰ جي عبادت ۾ شامل ٿيندي. صلواة جي ٻي معنيٰ درود آهي، يعني رسول ﷲ صلي ﷲ عليہ وسلم تي صلواة ۽ سلام.
درود خدا جي ذات، نبي پاڪ صلي ﷲ عليہ وسلم تي موڪليو آهي، جنهن جو ثبوت قرآن ڪريم جي آيت: اِنَّ اللهَ وَملٰئِڪَتَھ يُصَلُّونَ عَلَي النَّبِيط (الاحزاب: 56) آهي، جنهن جو مطلب آهي تہ: ”بنا شڪ جي ﷲ تع....وڌيڪ پڙهو