سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو
آگِرو: آگرو شهر الهندي اتر پرديش (ڀارت) ، درياءِ جمنا جي ڪناري تي آباد آهي. هن شهر جو بنياد سڪندر لوڌيءَ وڌو هو، ڇو ته ان کي آگري کي وچ هند جو مرڪز بنائي اڳتي وڌڻو هو. پوءِ اڪبر بادشاهه 1566ع ۾ آگري کي مغل سلطنت جي دارالحڪومت جي حيثيت سان منتخب ڪيو. يقيناً ان ڪري جو هن جون نظرون مالوي، راجپوتانا، گجرات ۽ دکن تي ڄميل هيون. پوءِ هو سيڪري ۾ سليم چشتي رحه جو گهڻو معتقد ٿي ويو. سليم چشتي رحه کان اولاد نرينه جي دعا ڪرڻ لاءِ چيائين. جڏهن پٽ جي ولادت جو وقت ويجهو آيو ته ديري لاءِ شيخ سليم چشتيءَ جي درگاهه وٽ محل جو انتظام ڪيو. شهزادو سليم اتي پيدا ٿيو. هن هنڌ کي اڪبر بابرڪت سمجهي سيڪري وٽ فتح پور جي نالي سان نئون دارالحڪومت ان ميدان تي قائم ڪيو، جتي بابر راڻي سنگا تي فتح حاصل ڪئي. فتح پور سيڪري آگري کان گهٽ ۾ گهٽ 30 ميلن جي فاصلي تي الهندي پاسي واقع آهي. ڪجهه وقت دهلي ۽ آگرو ٻئي گڏجي دارالحڪومت رهيا، جڏهن شاهجهان دهليءَ ۾ لال قلعو ۽ ٻيون عمارتون تعمير ڪرائي نئون شهر ”شاهه جهان آباد“ جي نالي سان آباد ڪيو ته آگري جي اهميت گهٽجي وئي پر آگري شهر جي شاهي عمارتنجو جواب نه آهي. مثلن تاج محل، قلعو،....وڌيڪ پڙهو