سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو
ڀوپال: ڀوپال شهر، هندستان جي مڌيه پرديش صوبي ضلعي ڀوپال جي گاديءَ جو هنڌ آهي. هي شهر هندستان جي سرسبز شهرن ۾ سندس شمار ٿئي ٿو ۽ هن کي ڍنڍن جو شهر به سڏيو ويندو اهي. هي شهر پرمار راجا ڀوج (1055-1000ع) جو ٻڌايل آهي، جيڪو سندس نالي، پويان سڏجڻ لڳو، راجا ڀوج جي وقت ۾ هن شهر پنهنجو عروج ڏٺو، پر سندس ديهانت کانپوءِ جهڙوڪر هي شهر مٽجي ويو.
اورنگزيب جي وفات (1707ع) کان پوءِ انهن ئي پڊن تي دوست محمد نالي هڪ افغان، هن شهر کي ٻيهر آباد ڪيو، جنهنڪري هن شهر تي اسلامي ثقافت جو گهرو اثر رهيو. پراڻي ڀوپال جا آثار اسلام ننگر جي نالي سان اڄ به موجود آهن. گڏيل هندستان ۾ هي ٻيو نمبر وڏي ۾ وڏي رياست ليکيو وڃي ٿو. هتي 1819ع کان 1906ع تائين چئن راڻين جي حڪومت رهي، قصيده بيگم؛ ڀوپال رياست جي پهرين حڪمران راڻي هئي؛ ان کان پوءِ سڪندري بيگم؛ ان کان پوءِ شاهجهان بيگم ۽ آخري حڪمران راڻي ڪيسرو جهان بيگم هئي. راڻين جي هڪ ٻئي سان چٽا ڀيٽي ڀوپال جي ترقي ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو، جو هتي هندستان جي ٻين رياستن کان گهڻو اڳ ٽپال جو سڌريل سرشتو، ريلوي جو نظام، پيئڻ جي پاڻيءَ جو سرشتو قائم ٿيو. ان کانسواءِ به....وڌيڪ پڙهو