تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

2026-10-14 عيسوي تاريخ ۾


1542.10.14ع :  بادشاهه اڪبر ڄائو: شهنشاهه همايون ، جڏهن ( 1542ع ۾ ) تباهه حال ٿي ، ٿورن رفيقن ۽ عيال سميت اچي ... وڌيڪ پڙهو 1921.10.14ع :  اوج علوي 14 آڪٽوبر ، 1921ع تي شڪارپور ۾ ڄائو... وڌيڪ پڙهو 1924.10.14ع :  شفيع احمد ’اوج’ ولد درمحمد علوي 14 آڪٽوبر 1924ع تي شڪارپور شهر ۾ جنم ورتو.... وڌيڪ پڙهو 1954.10.14ع :  ساره شگفته 14 آڪٽوبر 1954ع تي گوجرانوالا، پنجاب ۾ جنم ورتو.... وڌيڪ پڙهو 1962.10.14ع :  1958ع ۾ نام نهاد شريف ڪميشن ذريعي تعليمي پاليسي لاڳو ڪئي وئي ، جنهن موجب مادري زبانن خاص ڪري سنڌي ز... وڌيڪ پڙهو 1963.10.14ع :  هن 14 آڪٽوبر 1963ع تي وفات ڪئي... وڌيڪ پڙهو 1964.10.14ع :  مخدوم غلام حيدر المعروف سعيدالزمان ’عاطف‘ 14 آڪٽوبر 1964ع تي مخدوم طالب الموليٰ جي گهر ۾ هالا ضلعي م... وڌيڪ پڙهو 1996.10.14ع :  محمد دائود بلوچ 14 آڪٽوبر 1996ع تي وفات ڪئي.... وڌيڪ پڙهو 1996.10.14ع :  فيروز گل 14 آڪٽوبر 1996ع تي وفات ڪئي.... وڌيڪ پڙهو 2016.10.14ع :  پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ کي آڪٽوبر 2016ع ۾ ثقافت کاتي سنڌ جي سرچ ڪاميٽيءَ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيا... وڌيڪ پڙهو

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۾ سنڌ بابت پھريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنھن جا هن وقت تائين 13جلد پڌرا ڪيا ويا آهن، چوڏهون جلد پڻ آخري مرحلي ۾ آهي، جڏهن ته پھريون جُلد پڻ ٻيھر واڌارن سڌارن سان بائيبل پيپر تي مناسب جلدبنديءَ سان ڇپايو پيو وڃي. 2019ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فاضل جج، جسٽس صلاح الدين پنھور ’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘ جي ڇپيل جلدن ۾ ڪجهه غلطين جي نشاندهي ۽ داخلائن جي ترتيب بابت تڏهوڪي سيڪريٽري ثقافت جناب اڪبر لغاري کي عملي طور درستيون ڪرڻ جي هدايتن کانپوءِ اڪبر صاحب جي سربراهيءَ ۾ ايڊيٽوريل بورڊ جڙيو، جنھن ۾ جناب مدد علي سنڌي، ڊاڪٽر اسحاق سميجو ۽ ڊاڪٽر شير مھراڻي شامل هئا، جن سموري مواد جو مرحليوار جائزو وٺي معزز عدالت کي اداري معرفت رپورٽ پيش ڪئي ۽ جنهن کانپوءِ انهن سڌارن جو ڪم شروع ڪيو ويو. ڇاڪاڻ ته لغتن ۽ انسائيڪلوپيڊيائن جو تحقيقي ڪم مستقل هلندڙ ۽ سڌارن جوڳو هوندو آهي، انھيءَ جذبي سان سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو هن اهم تاريخي ماخذ کي وڌ کان وڌ مستند بنائڻ لاءِ ڪوششون جاري رکندو پيو اچي. اداري جي قيام (1991ع) کان ئي سن..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** تعويذ **

تَعوِيذُ: مسلمانن جي ڪن فرقن ۾ بيماريءَ يا ٻين مسئلن مان ڇوٽڪاري خاطر دُعا جو لکيل ڪاغذ، جنهن تي نقش ڀريل هوندو آهي يا دعا جا لفظ لکيل هوندا آهن (ٻانهن يا ڳچيءَ ۾ ٻڌبو آهي). ڪنهن مطلب پوري ٿيڻ خاطر لکيل دعا جو ڪاغذ، جيڪو ٻانهن ۾ ٻڌبو آهي. ڪي ڌوئي پيارين؛ پُورين يا کوھہ ۾ بہ اڇلين.

قبر جي مٿان سِرُن يا پٿر جي پيتيءَ مثل تعمير کي بہ تعويذ چئبو آهي.

ڳھہ جو هڪ قسم، ٻانهن جي ڏؤنري ۾ يا ڳچيءَ ۾ ٻڌبو آهي. دولتمند ماڻهو سون يا چانديءَ جا تعويذ ٻڌندا آهن. دعائون، علامتون ۽ انگ، جيڪي انهن تعويذن ۾ لکيا ويندا آهن، تن مان ڪي خدا جا نالا هوندا آهن، ڪي قرآني آيتون تہ ڪي وري رمل جون نشانيون هونديون آهن. فرشتن جا نالا، تارن ۽ برجن جا نالا بہ لکيا ويندا آهن.

شرع اسلاميءَ موجب جادو (سحر) منع ٿيل آهي، تعويذ ٻن قسمن جا ٿيندا آهن، هڪ قرآني تعويذ ۽ ٻيا جادو/ وير مٺ وغيرہ وارا تعويذ. پر مسلمان عالم لاءِ ﷲ تعاليٰ تي توڪل سان قرآني استعمال ڪري، تعويذن جو استعمال ممنوع نہ آهي، پر شرطه انهن جو جائز استعمال آهي. ان جي باوجود ڪي ماڻهو ٻين کي نقصان پهچائڻ جي ارادي سان بہ تعويذ اس....وڌيڪ پڙهو