سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو
سلاجيت (Salajeet): سلاجيت هڪ قدرتي ڪيميائي مرڪب آهي، جنهن کي آيرويدڪ ۾ هر بيماريءَ لاءِ اڪثير ۽ طلسمي خاصيتون رکندڙ وکر سمجھيو وڃي ٿو. هماليه جا جوڳي ان کي ڀڳوان پاران هڪ قسم جو تحفو سمجھن ٿا، جو ان جي استعمال ڪرڻ سان ڪيترين بيمارين کان نجات سميت انسان اهڙو سدا بهار رهي ٿو، جو انساني جسم کي جبل جيان مضبوط ۽ پيرسنيءَ بجاءِ سدا جواڻ جماڻ رکي ٿو. سلاجيت کي موميجو (Mumijo) ۽ موميا (Momia) يا سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ ’هماءِ‘ نالي سان سڏجي ٿو، جيڪو گھاٽو، چيڙهالو، ڏامر جهڙو، رنگ ۾ سفيد ۽ گهرو ناسي ٿي سگھي ٿو. پاڪستان ۾ گلگلت بلتستان جي جبلن سميت ڪوڪيسيس (Coucasus) ڏکڻ اوڀر يورپ ۾ جبلن جو هڪ سلسلو، التائي (Attai، منگوليا- چين ۽ ڪاغستان- روس) ۽ تبت جي جبلن مان به لڀي ٿو. انڊيا ۽ روس ۾ سلاجيت جي ڪيميائي جوڙجڪ تي گھڻي زماني کان وٺي تحقيق هلي رهي آهي، سلاجيت ۾ موجود ڪيميائي مادن ۾ ان جي ملندڙ هنڌ جي نسبت سان گھڻو فرق ٿئي ٿو، جڏهن ته منجھس 85 قسمن جي معدنيات، نباتاتي کؤنر ۽ دال ۾ ٿيندڙ تارپين (Triterpenes)، هيومڪ (Humic) تيزاب ۽ فلوڪ به ٿئي ٿو، ڪوڪيس ۾ التائي جبلن مان لڀندڙ سلاجيت کي موميجو سڏيو وڃي ٿ....وڌيڪ پڙهو