فولاد فقير شر

فولاد فقير شر

فولاد فقير شر

فولاد فقير شر : مشهور بزرگ، فقير فولاد علي ولد فقير غلام حيدر شر جو جنم 10 محرم 1282هه مطابق 6 جون 1865ع تي ڳوٺ مينگهي فقير شر، تعلقي ٺري ميرواهه، ضلعي خيرپورميرس ۾ ٿيو. هوش سنڀاليائين ته کيس قرآن شريف جي تعليم لاءِ ملان دولت نالي استاد وٽ ويهاريو ويو. تعليم کهڙن جي شهر ۾ خدا دوست اڄڻ وٽان حاصل ڪيائين. وڌيڪ تعليم لاءِ شاهه پنجي جي ڀر ۾ آڳرن جي ڳوٺ ۾ مولوي محمد پريل ۽ غلام نبي آگري وٽ مدرسي ۾ پڙهيو. ‘سڪندر نامه’ ڳوٺ آباد جي ڀر ۾ کهڙن جي مسجد ۾ مولوي غلام محمد وٽ پڙهيو. 1877ع ۾ سنڌي فائينل جو امتحان پاس ڪيائين. هن يارنهن سال ماستري به ڪئي، پر پوءِ استعيفا ڏنائين. فولاد فقير، نماز ۽ روزي جو پابند هو. روزانو رات جو پهريون پهر گذرڻ کان پوءِ ميان صاحبڏني فاروقي درازيءَ جي مدح ‘اغثني’ بيهي پڙهندو هو. صوفي شاهه عنايت ۽ قلندر لعل شهباز جي درگاهن تي پنڌ وڃي حاضريون ڀريندو هو.شاهه عنايت جي درگاهه تان تاج فقيري نصيب ٿيس، جيڪو کيس ان وقت جي سجاده نشين غوث بخش فقير پارايو. فولاد فقير اڪثر سچل سرمست جي درگاهه تي حاضريون ڀريندو هو ۽ اڪيلائيءَ ۾ روئندو هو. هن سچل سرمست جي درگاهه جي ڪيترن ئي طالبن کي درس پڻ ڏنو. سندس نثر ۾ هڪ ڪتاب ‘روح اعظم’ ڇپيل آهي. فولاد فقير 102 سالن جي ڄمار ۾ 10 جون 1967ع تي وفات ڪري ويو. سندس اڪيلو فرزند فقير علي گوهر پنهنجي وقت جو مشهور فقير ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. فولاد فقير جي آخري آرامگاهه تعلقي ٺري ميرواهه ۾ واقع آهي


لفظ فولاد فقير شرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1865.06.06  عيسوي

مشهور بزرگ، فقير فولاد علي ولد فقير غلام حيدر شر جو جنم 10 محرم 1282هه مطابق 6 جون 1865ع تي ڳوٺ مينگهي فقير شر، تعلقي ٺري ميرواهه، ضلعي خيرپورميرس ۾ ٿيو.


1967.06.10  عيسوي

فولاد فقير 102 سالن جي ڄمار ۾ 10 جون 1967ع تي وفات ڪري ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابن مسڪويه
عـاقـب جـاويـد
چانهيو محمد هاشم
پير بخش عالماڻي
ڊومنڪ اسٽيفن
سيد امداد شاهه ڊڍرائي
عالي فقير ڀاڳت
امبر مهڪ
امير ابڙو
ڀڳونتي ناواڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون