سرڪو

سرڪو

سرڪو

سرڪو: کٽي پاڻيءَ وانگر ٿيندو آهي، جيڪو ڊاک ۽ ٻين ميون جي رس مان چڪائي ڪڍندا آهن، صفرا جي جوش، يرقان، الٽين ۽ صفراوي پتن لاءِ مفيد آهي، گلاب جي پاڻيءَ ۾ گڏي گرڙيون ڪرائڻ سان وات جي پچڻ، وات جي بدبو ۽ خناق جي ڳوڙهن لاءِ فائديمند آهي، بک کي وڌائي ٿو. معدي مان ڪيڙا ماري ٻاهر ڪڍي ٿو. هاضمو ڪرڻ سان گڏ ڪچي بلغم ۽ غليظ خلقن جو نيڪال ڪري ٿو، خشڪي پيدا ڪري ٿو، جلد سرايت ڪندڙ ۽ سور وڃائيندڙ آهي. سُرڪو جيڪو ميون جي رس يا دوائن جي جوشاندي کي ڪجهه وقت لاءِ رکي، ان ۾ خمير پيدا ڪري کٽو رس پيدا ڪري تيار ڪيو وڃي ٿو.


لفظ سرڪوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو