خميسو خان

خميسو خان

خميسو خان

خميسو خان: ملڪ جي مشهور الغوزه نواز خميسو خان، 1923ع ڌاري ڳوٺ گاجا موري، تعلقي ٽنڊي محمد خان ۾ جنم ورتو. خميسو خان ڪتابي تعليم ته نه پاس ڪري سگهيو، پر ان وقت جي مشهور الغوزه نواز استاد سيد احمد شاهه کان الغوزي وڄائڻ جي سکيا باقاعدگيءَ سان ورتائين. شروع ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو محفلن ۾ ۽ عوامي ميڙاڪن ۾ ڪندو هو. بعد ۾ کيس ريڊيو پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيليويزن تي پنهنجي فن جي مظاهري ڪرڻ جو موقعو مليو. جنهنڪري کيس عالمگير شهرت ملي. خميسي خان کي الغوزي وڄائڻ ۾ منفرد ڪلا ۽ ٽيڪنڪ حاصل هئي. هو مختلف راڳن ۽ راڳڻين تي عبور رکندو هو. خميسو خان پاڪستان کان سواءِ آفريڪا، چين، آمريڪا، روس ۽ ٻين ڪيترن ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. کيس فني خدمتن عيوض پاڪستان حڪومت صدارتي تمغو ’حسن ڪارڪردگي‘ ۽ سنڌ حڪومت ’شاهه عبداللطيف اوارڊ‘ ڏنو هو.
خميسو خان، 8 مارچ 1983ع تي وفات ڪري ويو.


لفظ خميسو خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1983.03.08  عيسوي

خميسو خان، 8 مارچ 1983ع تي وفات ڪري ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پورس
جلال چانڊيو
پروفيسر هاسانند جادوگر
بيبي بتول
سيد مقبول حسين موسوي
شمع سنڌي
سيد غلام حيدر شاھ
اشرف سمون ڊاڪٽر
سيد ظفر علي شاهه
سيٺ طيب علي علوي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون