حاجي1

حاجي1: حاجي لفظ حج ادا ڪرڻ وارن لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ڪعبة الله جو حج ڪري ايندڙن کي حاجي چيو ويندو آهي. حج جو رڪن نماز ۽ روزي وانگر سڀني تي فرض نه هوندو آهي، بلڪه سرنديءَ واري شخص تي فرض هوندو آهي. حاجيءَ جو لفظ خطاب طور استعمال ٿئي ٿو. حج اسلام جو ٽيون رُڪن آهي، جيڪو مسلمان هيءُ رڪن ’حج‘ بجا آڻيندو آهي، ان جي نالي سان حاجيءَ جو لفظ لاڳو ٿي ويندو آهي، پر جنهن شخص ٻه يا ٻن کان وڌيڪ حج ڪيا هوندا آهن، تنهن کي ’الحاج‘ جي خطاب سان نوازيو ويندو آهي. (وڌيڪ ڏسو: حج)


هن صفحي کي شيئر ڪريو