اوپرِي

اوپرِي: کٽ جي سيرانديءَ ۽ پيرانديءَ وارن پاسن واري هڪ ڪاٺي. کٽ ۾ چار ڪاٺيون ٿينديون آهن. ٻن پاسن وارين ڊگهين ڪاٺين کي ايسون چوندا آهن ۽ ٻه سيرانديءَ پيرانديءَ واريون ڪاٺيون، اوپريون ڪوٺبيون آهن. ڪٿي ڪٿي ’اوپرو‘ مذڪر لفظ مستعمل آهي. ڪن جڳهن تي اُوپرن کي ٻانهيون ۽ سيرون به چَون. پيرانديءَ واري اوپري ۾ واڏڻ وجهندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو