الهدايت

الهدايت

الهدايت

الهدايت (اخبار): هيءَ پندرنهن وار سنڌي اخبار ٺٽي مان شايع ٿيندي هئي. جنهن جو سرپرست سيٺ حسيني ولد سليمان ۽ ايڊيٽر سيد غلام حيدر شاهه ٺٽوي هو. هن اخبار ۾ ديني، اخلاقي، سياسي، تاريخي ۽ علمي ادبي خبرون شايع ٿينديون هيون. هيءَ اخبار عباسي تهوارٽ پريس ڪراچيءَ مان شايع ٿيندي هئي. هيءَ اخبار S364 جي نمبر مان رجسٽر هئي. اخبار سومر 14 ڊسمبر 1931ع جي ڪاپي سنڌالاجي ڄام شوري ۾ محفوظ آهي، جيڪا چئن صفحن تي مشتمل آهي.


لفظ الهدايتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو