مصور ڀڳوان ڪپو

مصور ڀڳوان ڪپو

ڀڳوان ڪپور

ڀڳوان ڪپور: هن جو اصل نالو ڀڳوان چترو مل ڪپور آهي ۽ ” ڀڳوان ڪپور “ سندس ادبي نالو آھي . 6 مئي 1935ع تي ڪراچي شھر ۾ ڄائو . بھترين مصور رهيو آھي . سندس جدا جدا موضوعن تي بيشمار تصويرون ڪڍيل آھن . ڳوٺاڻي زندگيءَ ۽ ھندستاني عورت جي قديم روايتن جي روشنيءَ ۾ مصوري ڪرڻ ۾ خاص مهارت رکي ٿو . جي . جي اسڪول آف آرٽ ( بمبئي ) ، اسڪول ڊيس بو آرٽس ۽ اٽيليئر ( پئرس ) ۽ فرينچ سرڪار جي اسڪالر شپ ھيٺ چترڪاريءَ جي سکيا ورتل اٿس . ڪجهه مصوري يونيسيف ( UNICEF ) پاران نڪرندڙ گريٽنگ ڪارڊن تي گذريل ڏھن سالن ۾ ٽي دفعا لکن جي تعداد ۾ شايع ٿيل اٿس ، ان کانسواءِ ’ريڊرس ڊائجسٽ ‘ جا ڪور ۽ ڊزائين ٺاهيل ۽ ’ساريڪا ‘ توڙي ’ڌرم يگ مئگزنن ‘ ۾ چتر ڇپيل اٿس . اڪيلي سر 10 دفعا ( 1974-1960ع تائين ) ۽ ٻين سان 11 دفعا ( 1981ع-1971ع تائين ) ڀارت جي مکيه شھرن جھڙوڪ ممبئيءَ ، دھليءَ ، ڪلڪتي ، حيدرآباد ، گواليار ، پٽنا ۽ ڀارت کان ٻاھر پئرس ، ميونخ ، نيويارڪ ، لنڊن ، سائگان ، صوفيا ، سڊني ۽ موراڪو وغيره جي آرٽ گئلرين ۽ ميوزمن ۾ مصوريءَ جا نماءَ ڪري چڪو آهي . مٿين شھرن جي انيڪ آرٽ سوسائٽين پاران بھترين چترڪاريءَ لاءِ ” سونا ٻلا “ ۽ ٻيا گھڻا ئي انعام کٽيائين ، جهڙوڪ: ” چوئٿرام گدواڻي انعام “ ، سنڌ ۽ سنڌي بھراڻي لاءِ ” نئشنل آرٽ اگزيبيشن 1959ع انعام “ وغيره . جي جي اسڪول آَف آرٽ ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ آيو ۽ فيلوشپ به مليس . مٿين شھرن ۽ ملڪن جي سڀني آرٽ گئلرين توڙي ميوزمن ۾ سندس انيڪ چتر دائمي طور محفوظ آھن . ھن جا ڪجهه چتر دنيا جي مشھور مصورن ڊيوڊ ۽ نوروني ( مشھور ائڪٽرن ) وٽ پڻ رکيل آھن . ان کان سواءِ ويسٽ جرمني سرڪار وٽ ھڪ سال لاءِ سرڪاري مھمان طور رھڻ جو شرف به حاصل ڪيل اٿس .


لفظ ڀڳوان ڪپورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو