ڀٽو محمد يوسف

ڀٽو، محمد يوسف: محمد يوسف ڀٽو 1896ع ڌاري ٻني شهر (تعلقي ميرپور بٺوري ضلعي ٺٽي) ۾ ڄائو. سندس وڏا اصل پنجاب جا هئا، جيڪي سندس ولادت کان گھڻو اڳ لڏي اچي سنڌ جي ٻني شهر ۾ ويٺا. محمد يوسف کي ڇهن سالن جي ڄمار ۾ پڙهڻ لاءِ اسڪول ۾ ويهاريو ويو. ننڍي هوندي کان محنتي ۽ هوشيار هو ۽ پنهنجي ڪلاس ۾ سدائين اڳڀرو رهيو. هوشياريءَ ۽ سٺي سيرت جي ڪري کيس استاد به گھڻو ڀائيندا هئا. فائنل پاس ڪرڻ کان پوءِ 1914ع ۾ پندرهن روپيا ماهوار پگهار تي پرائمري استاد مقرر ٿيو. ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد سنڌ ۾ ساڍا ٽي سال ٽريننگ ڪري، سڄيءَ سنڌ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪيائين. ٽريننگ کان پوءِ هي هڪ مثالي استاد ثابت ٿيو. تاريخ جو کيس گهرو مطالعو هو ۽ قرآن شريف جي ترجمي ۽ تفسير جو به سٺو ڄاڻو هو. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي سان وڏي محبت هوندي هئس. کيس هر سر جي هر داستان جا ڪيترا بيت ۽ وايون ياد هونديون هيون. ڀٽو صاحب اڪيچار خوبين جي مالڪ هئڻ سان گڏ هڪ سٺو شاعر ۽ اديب به هو. سنڌ توڙي ايران جي مشهور شاعرن ۽ سندن شاعريءَ سان ڏاڍي محبت هوندي هئس. اڪثر محفلن ۾ صوفي شاعرن، فردوسي، حافظ، سعدي ۽ مولانا روميءَ جي شاعري ٻڌائيندو رهندو هو. سندس شاعري گھڻو ڪري غزل ۽ ڪافيءِ جي صنفن تي مشتمل آهي. سندس ڪلام ۾ عشق، محبت، انساني جذبن جو اظهار، آس، نراس، روحاني راز ۽ رمزون ۽ تصوف جا نڪتا نمايان آهن. فني توڙي فڪري لحاظ سان سندس ڪلام پختو آهي. استاد محمد يوسف جو علمي ۽ ادبي مواد اڄ به سندس پونئيرن وٽ قلمي صورت ۾ موجود آهي. جنهن ۾ سندس هيٺيون تصنيفون اچي وڃن ٿيون:
1. هندستان جي تاريخ مغلن جي دؤر ِ حڪومت تائين. (سنڌي نظم ۾)
2. ڪليات يوسفي. (شعروشاعري)
3. خوش گفتار حڪايتن ۽ اوليائن سڳورن جي زندگين جا واقعا ۽ حالتون
4. انوار سهيلي (فارسي) جو سنڌي ترجمو.
5. عربي صرف ونحو قاعدا (سنڌي ترجمو)
6. رياضيءَ جو ڪتاب مڪمل سمجھاڻين سان
سندس هڪ ڪتاب ”تنهنجا تير تفنگ“ (شاعري)، زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام جي اڳوڻي وائيس چانسلر ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ 1984ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.
محمد يوسف ڀٽي آخري 35 سال دڙي شهر ۾ گذاريا. هن 6 اپريل 1980ع تي وفات ڪئي ۽ کيس دڙي جي قبرستان ۾ دفنايو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو