پاڪستان سائنس فائونڊيشن

پاڪستان سائنس فائونڊيشن: هن اداري جي قيام جو فيصلو ڊسمبر 1971ع ڌاري ملتان ۾ سائنسدانن جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ سڀ کان پهرين جيڪو قدم کنيو ويو، اهو وفاقي حڪومت هٿ هيٺ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي وزارت جو الڳ ٺهڻ هو. سائنس فائونڊيشن'>پاڪستان سائنس فائونڊيشن 30 جنوري 1974ع تي باقاعده ائڪٽ جي تحت وجود ۾ آندي وئي. جنهن جي قيام جو مقصد ملڪ جي سماجي، معاشرتي ۽ ضروري شين جي متعلق سرگرمين کي فروغ ڏيارڻ ۽ ان لاءِ سرمايو فراهم ڪرڻ هو، فائونڊيشن هن وقت تائين جيڪو ڪم سرانجام ڏنو آهي، ان جو تفصيل هي آهي: (1) ملڪ جي چئني صوبن ۾ صوبائي مرڪزن جو قيام، (2) دستاويزي سروس جو قيام، (3) فوجي سائنس جي حوالا جاتي لائبررين جو قيام. فائونڊيشن سائنسدانن جو هڪ پول به قائم ڪيو آهي، جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ اعليٰ تعليم يافته سائنسدان شامل آهن.


لفظ پاڪستان سائنس فائونڊيشنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو