داخلا نمبر 7443
عنوان پاسو
شاخ جاگرافي ۽ ماڳ مڪان
پڙهيو ويو 225 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊياسنڌيانا جلد ٽيون

پاسو

پاسو: هيءُ گلگت واديءَ جو، اوچن برفاني جبلن ۾ گهيريل هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي، جيڪو تاريخي قدامت جي لحاظ کان قابل ذڪر آهي. هن ڳوٺ ۾ 80 کان وڌيڪ گهر آهن. پاسو گلگت کان 170 ڪلوميٽر پري ڪراڪرم (قراقرم) شاهراهه جي پاسي ۾ واقع آهي. هيءُ ڳوٺ گليشيئر (برفاني تهه) مان نڪرندڙ درياهه جي ڪپ تي گونيءَ ڪُنڊ جي نشان وانگر سهڻو ڳوٺ آهي. نومبر ۽ ڊسمبر مهينن ۾ درياهي نهرن ۾ ٻوڏ ايندي آهي، انهيءَ ڪري ’پاسو‘ جي آسپاس وارا علائقا متاثر ٿين ٿا. ڳوٺ جي ڏکڻ ۾ ٻن ڪلوميٽرن تي جبلن جي وچ ۾ قدرتي ڍنڍ آهي، جيڪا ’پاسو ڍنڍ‘ جي نالي سان مشهور آهي. هيءُ ڳوٺ ماضيءَ ۾ چار ڀيرا تباهه ٿيو آهي. تاريخي لحاظ سان هن ڳوٺ کي چئن دؤرن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. پهريون دؤر تاريخ کان اڳ واري زماني جو آهي، جيڪو پنج هزار کان ٽي هزار سالن تائين جو دؤر آهي. شمسان ماٿري ۽ درياهه ويجهو وڏين وڏين ڇپن تي جيڪي نشان اُڪريل آهن، انهن ۾ گهڻو ڪري مارخور، خچرن، دائرن ۽ ماڻهن جون شڪيلون اُڪريل آهن. انهيءَ قسم جا نشان سوات ۽ چين جي ”هيلان ڪانو“ واري علائقي مان لڌا ويا آهن، جن کي پنجن هزارن کان وٺي ڏهن هزارن سالن تائين قديم ڄاڻايو ويو آهي. تباهيءَ جو ٻيو دؤر ڇهين ستين صدي هجريءَ ۾ آيو، جنهن ۾ مهاتما ٻڌ جو وڏو مجسمو ۽ ڳوٺ ڊهي ويا. ’پاسو‘ جي تباهيءَ جو ٽيون حادثو اسلامي دؤر ۾ ٿيو، جڏهن شاهراهه ڪراڪُرم (قراقرم) جي کاٻي پاسي کان اوچيون ڇپون ’پاسو‘ ڳوٺ تي اچي ڪريون، جن جي ڪري ڳوٺ صفا تباهه ٿي ويو. اُنهيءَ دؤر ۾ ڇپن تي جيڪي لکيتون اُڪريل هيون، سي سڀ ميسارجي ويون. پاسي جي تباهيءَ جو چوٿون دؤر 18 صدي عيسويءَ آهي. ان وقت ڳوٺ جي آبادي 5/ 6 گهرن تي مشتمل هئي، ان وقت گوچال جي ماٿريءَ جي ويجهو پهاڙي ڇپون هيٺ ڪريون، جنهنڪري درياهه جو وهڪرو بند ٿي ويو ۽ ٻيهر آبادي تباهه ٿي وئي. درياهه پنهنجو نئون رُخ اختيار ڪيو ۽ آسپاس جي رهاڪن ٻيهر ’پاسو‘ کي آباد ڪيو. ’پاسو‘ جا رهاڪو ”تاجڪ“ قبيلي جا ماڻهو آهن، جن کي پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت آهي. هتي مئي کان وٺي نومبر تائين سياح ايندا آهن، جن جي لاءِ سٺا هوٽل تعمير ٿيل آهن.


لفظ پاسو هيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آهي
ٻاٽڦلو
بختاور خان ملڪ
بدهاضمو
ٻانهين (عمارت سازي)
ٻٽي
ٻورا
اسٽوپا
ٻيو پاسو
ٻيڙي
ٻيڙين جا قسم
اکر ۽ ڀوري راند
بربط
بروهي
الياس محمد ڪلھوڙي جو مقبرو
ابوالحسن مسجد
اٺون ماڻهو
اپٻيٽ
اجهور
آڍي خان ، ٻڍي خان جو مقبرو
آرڙ جي ڍنڍ
انڙ ڪوٽ کيرئين ڪوٽ
انسان ۾ رت جي دوري جو سرشتو
انساني بڪيءَ جي بناوت ۽ ڪم
اڌ رنگ
بينڊ
بهاول خان عباسي3
بِيني
بم
بيگاري بند
آسيلي جو دڙو
ارٿ شاستر
اِلهو ٻلهو راند
انوپ ڳڙهه 2
اونڌو ٻانڌو
تڪل
تلاءُ
ڀان سيد آباد
ڀت گئس فيلڊ
تنقيد
ٺلهه ڌامراھا
ٺلهه ڊرٻ چانڊيو
ٺلھه ڊرٻ چانڊيو
ٺلهه مير رڪڻ
ٺوڙهي تور
ثابت بن دحداح
ترقي پسند ادب جا معيار
ٺٽو
ٽاڪرو
ٽالپر
ٽالسٽاء
تصوف
ڀيٽيو
ٽنڊو ٺوڙهو
تابڪاري
تحقيق
تخت
تيلي ٻج
ٿر
ٿيٻو فقير عبدالله
تانتيا ٽوپي
جلندر
جلوه گاهه امامين
ٻه ساري راند
جـاگرافي
جالينوس
جامع مسجد ٺٽو
جان بابا جو مقبرو
جاني بيگ مرزا جو مقبرو
جبل
جبو ڪوٽ
جتوئي محراب خان
پاربرهم فقير
پاساڙو
پاسو
جديد سنڌي ڪهاڻي
جرڳو
جڙيل شاھ جيلانيءَ جو مقبرو
پان
پانڊوَ
جلال الدين رومي
جنت
جَوڙو
ڄارُ
ڄام اوڍر سمو
ڄام مهڙ نوتيار
جهم ڪوٽ/ هيم ڪوٽ (ماڳ)
چانهونءَ جو دڙو
چـرَچ
برقي چمق
چنجُور
چنڊ
چنڙو ڪوٽ
چنگ
چِيڪلو
ڇالي
ڇهنڀڙو
ڇيلري
حاجي عارب لنڊ جي اَٺ دري قبي
حافظ حامد ٽکڙائي
حب ندي
حَرام
حماد جماليءَ جي مسجد
حيدرآباد
خارش
خانڳڙهه قلعو
خدا آباد جو قلعو
خندق جي جنگ
خواب
خول
دائود ڪنڀ
دراوڙ لوڪ
درگاهه سيد شاهه لڌاڻي
دروهر راءِ
دف
دم، اُڀ ساهي ،ساهه جي بيماري
هن صفحي کي شيئر ڪريو