ٻاراڻا ٻول (ڪتاب)

ٻاراڻا ٻول (ڪتاب)

ٻاراڻا ٻول

ٻاراڻا ٻول (ڪتاب ):مشهور شاعر، استاد ۽ اديب، خان آصف مصراڻي'>احمد خان آصف مصراڻي جا ترتيب ڏنل، ٻاراڻن گيتن ۽ نظمن تي مشتمل ڇهه ڪتابڙا، جيڪي سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ، 1997ع ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا. هنن ڇهن ڀاڱن تي مشتمل ڪتابڙن مان هرهڪ ڀاڱي جي قيمت 30 رپيا آهي.
هنن ڪتابڙن ۾ قديم ٻاراڻن ٻولن سان گڏ مرزا قليچ بيگ، ڀيرومل ’غريب‘، محمد صديق ’مسافر‘، ڪشنچند ’بيوس‘، جمع خان ’غريب‘، حافظ احسن چنا، حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ، عطا محمد ’حاميءَ‘، سليم ڳاڙهوي، منصور ’ويراڳي‘، الطاف عباسي، رشيد لاشاريءَ، اياز پاٽوليءَ، هوندراج ’دکايل‘، عبدالڪريم سنديلي، احمد خان ’آصف‘ ۽ ٻين جا ٻاراڻا گيت ۽ نظم شامل آهن .


لفظ ٻاراڻا ٻولھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو