تهمينه سومرو

تهمينه سومرو: نامياري تعليمي ماهر ۽ استاد تهمينه سومرو، سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي وائيس چانسلر، پروفيسر محمد الياس جي ڌيءَ آهي. 15 جنوري 1951ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائي. ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي. ايس سي ڪئي. پڙهائڻ جي شعبي کي ترجيح ڏيئي تعليمي ميدان ۾ قدم رکيائين. هن وقت بيڪن هائوس هاءِ اسڪول قاسم آباد حيدرآباد، ۾ پرنسپال جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو