بلوچ ناصر

بلوچ ناصر: ناصر بلوچ ڪراچيءَ جو رهاڪو پ پ پ جو ڪارڪن پاڪستان اسٽيل مل جو ملازم هو. 1983ع واري ايم. آر. ڊي جي تحريڪ واري زماني ۾ هو سينٽرل جيل ڪراچيءَ ۾ قيد هو. تڏهن سندس سنڌ جي ڪيترن ئي سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان ملاقاتون ٿيون. هن کي مرتضيٰ ڀٽي سان گڏ 2 مارچ 1981ع تي ڪراچيءَ کان پشاور ويندڙ پي آءِ اي جي بوئنگ 737 کي اغوا ڪرڻ واري ڪيس ۾، خاص فوجي عدالت 4 نومبر 1984ع تي سزا ٻڌائي ۽ کيس 4 مارچ 1985ع تي سينٽرل جيل ۾ ڦاسي ڏني وئي. ناصر بلوچ ۽ سندس ڀاڻيجي عيسيٰ بلوچ تي الزام هو ته هنن ٻنهي جهاز تائين هٿيارن پهچائڻ ۾ مدد ڪئي هئي. هن جهاز جي اغوا جو الزام ’الذوالفقار‘ تنظيم تي مڙهيو ويو هو. ناصر بلوچ سان گڏ هن ڪيس ۾ سيف الله لاشاري، ايوب ملڪ، عيسيٰ بلوچ به شامل هئا .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1985.03.04  عيسوي

نناصر بلوچ کي 4 مارچ 1985ع تي سينٽرل جيل ۾ ڦاسي ڏني وئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

احمد خان هيسباڻي
جلباڻي غلام حسين پروفيسر
پيرزادو واحد بخش عاشق
حميره علواڻي
راڻو اجمال
سمه بن ديوائچ
انور علي سرهيو
عبدالهادي سرهيو ڊاڪٽر
توتان
حشو پارواڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون