داخلا نمبر 2951
عنوان بلاول انسٽيٽيوٽ
شاخ ادارا ۽ تنظيمون
پڙهيو ويو 282 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

بلاول انسٽيٽيوٽ

بلاول انسٽيٽيوٽ: هي تحقيقي ادارو 1995ع ۾ سنڌ اسيمبلي جي هڪ بل تحت وجود ۾ آيو آهي، جنهن جو بنيادي ڪم سنڌ جي تاريخي، ثقافتي ۽ ڏيهي ماڳن ۽ موضوعن تي کوجنا ڪرڻ آهي. ادارو جو هيڊ ڪوارٽر نوابشاهه ۾ آهي. انسٽيٽيوٽ جي جوڙ جڪ مطابق ان جو چيئرمين سنڌ جو وڏو وزير هوندو آهي. اداري جو ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر لائق زرداري آهي، جڏهن ته بورڊ جي ميمبرن جو تعداد ڏهه آهي. هي ادارو في الحال انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ ڇهه ماهي تحقيقي جرنل شايع ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي موضوعن تي کوجنائي مضمون شامل آهن. بلاول انسٽيٽيوٽ جو مقصد مختلف تاريخدانن ۽ محققن کان مختلف پراجيڪٽن تي ڪم وٺڻ آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو