اڪبر سومرو

اڪبر سومرو: ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار اڪبر سومرو ولد عبدالڪريم سومرو، 25 جنوري 1959ع تي، ٽنڊي الهيار، ۾ ڄائو. ايم. ايس سي (زراعت) زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام مان، سول انجنيئرنگ ۾ ڊپلوما پوليٽيڪنيڪل ڪاليج حيدرآباد مان ۽ بي ٽيڪ (آنرس) جون ڊگريون حاصل ڪيون. نئشنل هاءِ وي اٿارٽيءَ ۾ 1985ع ۾ ملازمت ڪئي. 2014ع کان 2017ع تائين مواصلات واري وزارت ۾ اسٽاف آفيسر ٽو منسٽر فار ڪميونيڪشن جي عھدي تي رهيو. اڄڪلهه ڊائريڪٽر مينٽيننس (گوادر) آهي. اڪبر سومرو، ادبي دنيا ۾ ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار طور سڃاتو وڃي ٿو، جڏهن ته ڪجهه شعر به لکيا اٿس. هن وقت تائين سندس ڇپيل ڪتابن ۾، ’ڊائريءَ جا پنا‘ (1981ع)، ’من جي هن پار‘ (1984ع: ڪهاڻيون)، ’چهرا چهرا شهر‘ (1991ع: خط)، ’ڪيسوڦل‘ (1992ع: ڊائري)، ’شهر جي ڳالهه‘ (1998ع: ناول)، ’بوتيڪ کان بيڊروم‘ تائين (2007ع: ڪھاڻيون)، ’ڊسٽ بن‘ (2012ع: يادگيريون، مقالا ۽ تقريرون)، ’تمہارے شھر میں‘ (2013: ناول ترجمو)، ’بوتیک سے بیڈ روم تک‘ (2016ع: ناول ترجمو) ۽ ’ڪماچ‘ (2017ع: ناول) شامل آهن. هن وقت گلزار هجري اسڪيم 33 ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ اڪبر سومروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1959.01.25  عيسوي

اڪبر سومرو 25 جنوري 1959ع تي ٽنڊي الهيار ۾ ڄائو



ڪهاڻيڪار - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اڪبر سومرو
ڪهاڻيڪار ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون