اڪبر اديب

اڪبر اديب

اڪبر اديب

اڪبر اديب: شاعر، نثر نويس ۽ ڪھاڻيڪار. غلام اڪبر اديب ولد غلام محمد منگي، 4 فيبروري 1946ع تي تعلقي ٺل، (جيڪب آباد) ۾ ڄائو. بي. اي تائين تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ ميونسپل ۾ سرڪاري ملازمت حاصل ڪئي. اڪبر اديب شروع کان ئي ادب سان لاڳاپيل رهيو، سنڌي ادبي سنگت جو بنيادي ميمبر ۽ شاخ جو سيڪريٽري به رهيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’روڳن جي مالها‘ (ڪهاڻيون)، ’سنڌي ڪھاڻيون‘ (ترتيب: ڊاڪٽر غلام نبي سڌائي ۽ غلام رسول ڪلھوڙي سان گڏ) ۽ ’مٽي هاڻا ماڻهو‘ شامل آهن. 9 آگسٽ 2021ع تي وفات ڪئي.


لفظ اڪبر اديبھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو