امير ابڙو

امير ابڙو

امير ابڙو

امير ابڙو: ڪھاڻيڪار، ڊراما نويس ۽ تعليمي ماهر امير ابڙي جو پورو نالو امير الدين ابڙو آهي. 15 ڊسمبر 1965ع تي هالا ۾ ڄائو. سندس تعليم M.Sc انجينئرنگ آهي. 1989ع کان 2003ع تائين ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۾ انجينئر ٿي رهيو. ان کانپوءِ جاپان ۾، ’جاپان انٽرنئشنل ڪوآپريشن ايجنسيءَ‘ ۾ واٽر سپلائي انجينئر طور ڪم ڪيو. گڏوگڏ ڪراچيءَ مان ماهوار ’انڊس‘ رسالو جاري ڪري اُن ۾ دنيا ۽ پاڪستان جي 10 مشھور ليکڪن جا انٽرويو شايع ڪيا. 2009ع کان لنڊن ۾ رهائش اختيار ڪندي ’انڊس ايڊيوڪيشن فائونڊيشن‘ جي نالي سان هڪ ادارو قائم ڪري ان جو چيئرمئن ٿيو. هي ادارو هڪ ئي وقت برطانيا ۽ پاڪستان ۾ ڪم ڪري ٿو. مٽياري، نوشھري فيروز ۽ سانگهڙ ضلعي جا 33 اسڪول هن اداري جي نگراني هيٺ هلي رهيا آهن. سندس ڪيتريون ئي تحريرون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. ’انڊس پبلشرس‘ جي نالي سان هڪ اشاعتي ادارو قائم ڪري ڪجهه ڪتاب پڻ ڇپرايا. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ”هڪ ڪانئر جو موت (ڪھاڻيون، ناوليٽ 1995ع)“، ”عورت بنا سيارو“ (ناروي جو سفر نامو: 1997ع)، ”ٻئي درجي جي زندگي“ (ڪالم ۽ مضمون)، ”Land of Mid Night (2003)“ ۽ ”Historical Interviews (2022)“ شامل آهن. پاڻ هن وقت لنڊن ۾ رهائش پذير آهي


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.12.15  عيسوي

ڪھاڻيڪار، ڊراما نويس ۽ تعليمي ماهر امير ابڙي جو پورو نالو امير الدين ابڙو آهي. 15 ڊسمبر 1965ع تي هالا ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سورداس
شير محمد ٻرڙو
امداد علي اوڍو
احمد سائين خانڳڙهيِ
پلي وڏيرو عبدالحڪيم
جينت ريلواڻي
سيد محمد مڪي1
جيڪي ڀاڳناڻي
جمن چارڻ
پوراني ميرڪ سيد محمد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون