داخلا نمبر 1376
عنوان افغانستان
شاخ ملڪ
پڙهيو ويو 1174 ڀيرا
داخلا جو حوالو

افغانستان

افغانستان: پاڪستان جي اتر اولهه ۾ ”افغان“ قوم جو ملڪ. قديم سلطنت، جنهن جو نالو ”آريانه“ هو. هن ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ ڪابل آهي. هن جي اتر ۾ روس، الهندي ۾ ايران، ڏکڻ ۽ اوڀر ۾ پاڪستان آهن. هي گهڻو ڪري جابلو علائقو آهي. هندوڪش جبل جون شاخون هِن سڄي ملڪ ۾ پکڙيل آهن. هن جي وادين ۾ ڪڻڪ، چانور ۽ ميوو ٿيندو آهي. هتي جو وڏو درياهه هلمند آهي. آمو دريا (جيحون) جو ڪجهه حصو، روس ۽ افغانستان جي وچ ۾ آهي. هن ملڪ جو مذهب اسلام آهي. مکيه ٻوليون پشتو ۽ دري (فارسي) آهن. هن علائقي تي پهريائين دارا اول 516 ق. م ۾ قبضو ڪيو. سن 326 ق. م ۾ سڪندراعظم هندستان ۾ آيو ۽ هن ملڪ کي فتح ڪيائين. باختر جي دور ۾ هي ملڪ پارٿين جي قبضي ۾ رهيو. ستين صدي عيسويءَ ۾ مسلمانن جي قبضي کان پوءِ اسلام هتي جو مستقل مذهب بڻجي ويو. هتي مستحڪم اسلامي حڪومت محمود غزنويءَ جي هئي، جنهن يارهين صديءَ ۾ ايران ۽ هندستان جا ڪي علائقا فتح ڪيا. آخر هن علائقي تي پهريائين چنگيزخان ۽ پوءِ تيمور قبضو ڪيو.
سورهين صدي عيسويءَ ۾ بابر بادشاهه ڪابل کي مرڪز بنائي، هندستان تي حملو ڪيو. افغانستان جي هڪ متحده سلطنت ارڙهين صديءَ ۾ احمد شاهه ابداليءَ قائم ڪئي. احمد شاهه ابداليءَ جي پاڻيپٽ واريءَ جنگ (1761ع) جو اثر سنڌ تي به پيو، ان کان پوءِ وري دوست محمد ۽ شاهه شجاع واري دور ۾، مدد خان پٺاڻ ڪلهوڙن کان ڏن وٺڻ جي بهاني سان، سنڌ تي ڪاهه ڪئي ۽ ڳوٺن جا ڳوٺ تاراج ڪري ڇڏيائين. ٽالپرن جي دور ۾ انگريزن افغانستان تي، سنڌ جي رستي ڪاهه ڪئي. احمد شاهه ابدالي، مدد خان پٺاڻ ۽ ٻين افغان حڪمرانن جي طرفان مختلف وقتن تي سنڌ کي نقصان پهچڻ ڪري اهو پهاڪو مشهور ٿيو ته ”جڏهن ڪڏهن سنڌڙي تو کي قنڌارئون جوکو.“
1919ع ۾ غازي امان الله سان هڪ مختصر جنگ ٿي، پوءِ هڪ صلحنامو ٿيو، جنهن جي بنياد تي ”امير“ جي بدران هُن ”شاهه“ جو لقب اختيار ڪيو. 1929ع ۾ شاهه امان الله جي خلاف بغاوت ٿي. جنرل نادر خان بغاوت جو باني هو ۽ پوءِ اُهوئي بادشاهه ٿيو. سنه 1933ع ۾ نادرشاهه جي قتل کان پوءِ، ان جو پٽ محمد ظاهر شاهه بادشاهه ٿيو. 17 جولاءِ 1973ع تي جنرل سردار دائود خان، ظاهر شاهه جي حڪومت جو خاتمو آندو، ۽ 18 جولاءِ تي پاڻ صدر ۽ وزيراعظم هجڻ جو اعلان ڪيائين. 1973ع ۾ سردار دائود جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
30 جنوري 1977ع تي افغانستان جي قومي اسيمبليءَ جو اجلاس سڏايو ويو. 27 اپريل 1978ع تي خونريز انقلاب کان پوءِ، 1992ع ۾ سردار دائود جو تختو اونڌو ڪيو ويو. آخرڪار افغانستان ۾ روسي فوجن جي مخالفت ۾ افغان عوام جي جدوجهد جو طويل سلسلو شروع ٿيو ۽ افغانستان جي عوام جي فتح ٿي.
1970ع جي آخر ۾ افغان حڪومت کي وڌندڙ سماجي مسئلن سان منهن ڏيڻو پئجي ويو. 1979ع ۾ طالبان جو زور وڌڻ لڳو، جن کي سوويت يونين جي پٺڀرائي حاصل هئي. افغان حڪومت کي اندروني توڙي ٻاهرين طاقتن سان هڪ ئي وقت مهاڏو اٽڪائڻو پيو. 1986ع ۾ بيرڪ ڪارمل کي هٽائي محمد نجيب الله کي افغانستان جو صدر منتخب ڪيو ويو. 1997ع کان 1989ع تائين ملڪ جنگ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي معاشي طور زري گهٽ تباهه ٿي ويو. سوويت يونين جي هٽي وڃڻ کان پوءِ ملڪ کي گوريلا ويڙهه سان منهن ڏيڻو پيو. 1992ع جي شروعاتي ڏينهن ۾ ڪابل تي سندن قبضو ٿي ويو ۽ هڪ 50 ميمبرن جي ڪائونسل قائم ڪري حڪومتي ڪاروبار هلايو ويو، جنهن جو مولانا برهان الدين رباني صدر هو، پر اهي پاڻ کي منظم ثابت ڪري نه سگهيا ۽ ترت گلبدن حڪمت يار حملو ڪري مولانا ربانيءَ جي حڪومت کي ختم ڪري ڇڏيو، نتيجي طور افغانستان ٽڪرن ۾ ورهائجي ويو ۽ هر ٽڪري تي الڳ حڪمران حڪومت ڪرڻ لڳا. 1994ع جي شروعات ۾ مذهبي بنياد پرست پشتون شاگرد طاقتور ٿي اڀريا. 1996ع جي شروعات ۾ طالبان جي حيثيت ۾ انهن افغانستان تي قبضو ڪرڻ شروع ڪري ڏنو ۽ 1996ع جي سيپٽمبر مهيني ۾ طالبان جي حامين ڪابل تي قبضو ڪري ورتو، توڙي جو حڪمت يار ۽ رباني هڪ ٻئي سان حڪومتي الحاق ڪيو هو پر طالبان افغانستان کي اسلامي مملڪت قرار ڏئي اسلامي قانوني نافذ ڪري ڇڏيا ۽ ٻه ڀاڱي ٽي ملڪ جي حصي تي باقاعدي سندن قبضو ٿي ويو.
1998ع کان طالبان جو ملڪ تي مڪمل قبضو ٿي ويو ۽ آمريڪا جي فوجي اداري رپورٽ ڏني ته اسامه بن لادن ڪابل جي ڀرسان آمريڪا سان وڙهڻ لاءِ هٿياربند ماڻهو وڏي پئماني تي تيار ڪري رهيو آهي. ترت سعودي عرب ڄائي اسامه بن لادن ڪينيا ۾ آمريڪي خاني تي بمباري ڪرائي ڪافي دهشتگرد پکيڙي نومبر 1995ع ۾ تنزانيا جي اداري افغانستان جي مٿان معاشي پابنديون مڙهي ڇڏيون. گڏيل قومن جي اداري ڊسمبر 2000ع ۾ طالبان حڪومت تي اڃا گهڻو سختي ڪندي هٿيارن ڏيڻ تي به پابندي لڳائي ڇڏي. سال 2000ع تائين طالبان جو 90 سيڪڙو ملڪ تي مڪمل قبضو ٿي ويو. 2001ع ۾ طالبان شدت پسندن گوتم ٻڌ جا ٻه عظيم مجسما باميا ۾ ٽوڙي ڇڏيا. جنهن جي سڄي دنيا شديد مذمت ڪئي. اهي مجسما انتها پسند مذهبي اڳواڻن جي چوڻ تي تباهه ڪيا ويا هئا، جن عوام کي اهو تاثر ڏنو ته اسلام ۾ بت پرستيءَ جي منع ٿيل آهي. جڏهن ته اسلام ۾ ٻين مذهبن جي مڃيندڙن کي سندن عقيدن تي عمل ڪرڻ جي آزادي ڏيڻ جي ڳالهه موجود آهي ۽ سندن عبادتگاهن جو تحفظ به مسلمان حڪومتن جي ذميواري آهي.
مجسما ٽوڙڻ کان ٻه ڏينهن پوءِ آمريڪا جي ورلڊ ٽريڊ سينٽر ۽ پينٽاگون تي حملو ڪري ورلڊ ٽريڊ سينٽر کي تباهه ڪيو ويو. آمريڪا افغانستان کان اسامه جي ٻانهن گهري، ان حملي جي اسامه القاعده جي نالي ۾ ذميواري آهي، پر افغانستان القاعده جي اڳواڻ اسامه بن لادن جي ٻانهن ڏيڻ کان انڪار ڪيو. انڪار تي آمريڪي حڪومت آڪٽوبر 2001ع تي طالبان ۽ القاعده تي حملو ڪري ڏنو، ان سان گڏ اترين علائقن جي اتحادين ۽ ٻين القاعده مخالف قوتن جي زبردست مدد شروع ڪري ڏني. هوائي حملن کان سواءِ هزارن جي تعداد ۾ فوجي افغانستان ۾ داخل ٿي ويا ۽ طالبان جي اڳواڻ ملان عمر ۽ اسامه جي ڳولا شروع ڪري ڏنائون. ڊسمبر 2001ع ۾ جرمنيءَ جي شهر ۾ افغانستان بابت هڪ ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ حامد ڪرزئيءَ کي مولانا ربانيءَ جي جاءِ تي صدر مقرر ڪيو ويو. 2002ع جي شروعات ۾ طالبان ۽ القاعده کي زبردست شڪست ڏني وئي، سندن ڪيترائي اڳواڻ مارجي ويا، پر القاعده جي ميمبرن ۾ تمام گهڻو واڌارو ٿيو. ائين نئين ليڊر شپ به وڌي. آخر 2002ع ۾ گرديز وٽ حقيقي جنگ لڳي، جنهن ۾ حڪومتي طاقت نيٽو (NETO) جي طرفان برطانيا، ڪيناڊا ۽ ٻين نيٽو جي ميمبر ملڪن جي هٿ اچي وئي، جن پنهنجا فوجي افغانستان موڪليا هئا. اصل اها امن جي نالي ۾ جنگ هئي. ان ۾ انساني همدرديءَ طور ٻين ملڪن به افغانستان کي معاشي مدد ڏني. گڏيل قومن جي اداري اندازو لڳايو ته هتي ايتري تباهي ٿي آهي، جو گهٽ ۾ گهٽ 15 بلين ڊالرن جي لاڳت سان بحاليءَ جو ڪم ٿي ويو. 2002ع ۾ اڳوڻي بادشاهه ظاهر شاهه طرفان لويا جرڳو ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ وري به ڪرزئيءَ کي ٻن سالن لاءِ صدر چونڊيو ويو. اهي ٻئي سال ڪرزئيءَ لاءِ وڏا صبر آزما ۽ ڪڙي امتحان جا هئا. هڪ ڀيرو ته مٿس جاني حملو به ٿيو. 2002ع جي پڇاڙي وارن مهينن ۾ ملڪ کي مڙوئي ٿورو گهڻو استحڪام مليو، پر شدت پسندن جا حملا جاري رهيا ۽ طالبان هڪ ٻن ضلعن تي قبضو به ڪري ورتو. آگسٽ 2003ع ۾ نيٽو ڪابل واري ايراضيءَ ۾ نئون بين الاقوامي سيڪيورٽي فورس قائم ڪري ورتو. جنوري 2004ع ۾ نئون آئين لويا جرڳي وسيلي بنايو ويو، جنهن ۾ صدر جي اختيارن ۾ ڪافي اضافو ڪيو ويو ۽ اقليتن کي حق ڏنا ويا. 2004ع جي شروعاتي مهينن ۾ آمريڪا ۽ نيٽو جي ملڪن اعلان ڪيو ته اهي افغانستان ۾ فوجي طاقت وڌائي طالبان ۽ القاعده خلاف وڏو آپريشن ڪندا. 2005ع ۾ 9000 فوجي افغانستان ۾ نيٽو جي ملڪن موڪليا، طالبان ۽ سندن واسطيدار قوتن تي زبرا حملا ڪيا ويا. ماڻهن جي وڏي تعداد کي آمريڪا جي جيل گوانٽانامو ۾ موڪلي مٿن تشدد ڪيو ويو، آمريڪي ساک دنيا ۾ متاثر ٿي. 2005ع جي سيپٽمبر مهيني ۾صوبائي ۽ مرڪزي چونڊيون رٿيون ويون، انهن چونڊن لاءِ بين الاقوامي راءِ عامه اها جڙي ته اهي وڏو فراڊ هيون. انهن چونڊن ۾ پهريون دفعو مرڪز توڙي صوبي ۾ عورتون ميمبرن طور چونڊجي آيون. افغانستان جي پاڪستان سان ڇڪتاڻ 2006ع کان شروع ٿي وئي، جو افغانستان الزام هنيو ته افغان بارڊر سان لڳ افغانين جي ڪيمپن ۾ رهندڙ مهاجر افغانستان جو امن تباهه ڪري رهيا آهن، جن کي بقول سندن هٿيار پاڪستان ڏئي ٿو، صدر ڪرزئي اهو به الزام هنيو ته پاڪستان جا ڪجهه اڳواڻ ۽ ادارا القاعده سان مليل آهن. 2007ع ۾ پاڪستان، افغانستان سان ملندڙ سرحدون بند ڪري ڇڏيون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جا آثار وڌي ويا، ڇو ته افغانستان نيون سرحدون مڃڻ لاءِ تيار نه هو. مئي 2007ع ۾ نيٽو فورسز طالبان جي ڪمانڊر ملا داد الله کي ماري وڌو ته طالبان جبلن تي چڙهي ويا ۽ نيٽو فورسز جي خلاف گوريلا جنگ باقاعدي شروع ڪئي وئي. انهيءَ جو اثر پاڪستان تي ٿيو، جو هتي به خودڪش حملا شروع ٿي ويا، جيڪي اڃا جاري آهن. آمريڪي ۽ انهن جا اتحادي تاحال افغانستان ۾ آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

ملڪ - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

باگڙ ديس
بحرين
اسرائيل
افغانستان
برطانيا
برما
انڊيا
انگلنڊ
اردن
ايران
ملڪ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون