افضل قادري

افضل قادري: مزاحمتي شاعر افضل قادري 15 آگسٽ 1949ع تي لاڙڪاڻي شهر کان ٽن ميلن جي مفاصلي تي هڪ ننڍي ڳوٺ دودي سنهڙي ۾ ڄائو. حساس طبيعت هئڻ ڪري هن قوم ۽ ڌرتيءَ تي ٿيندڙ ظلمن کي محسوس ڪندي مزاحمتي شاعري ڪئي. غريب خاندان جو فرد هئڻ ڪري، 20 ورهين جي عمر ۾ ٻي ملازمت نه ملڻ ڪري جانورن جي اسپتال جو ڪمپائونڊر ٿيو. افضل ڪنهن کان متاثر ٿي شاعر نه ٿيو، پر قومي جذبي هن جي اندر ۾ اُٿل پيدا ڪئي، ۽ انقلابي شاعري شروع ڪيائين. ڏات ۽ ڏانءَ هن جو ساٿ ڏنو ۽ ٿوري وقت ۾ مقبول شاعر بنجي پيو. هن 12 مئي 1990ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ افضل قادريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1949.08.15  عيسوي

افضل قادري 15 آگسٽ 1949ع ڳوٺ دودي سنهڙي ۾ ڄائو


1990.05.12  عيسوي

افضل قادري 12 مئي 1990ع ۾ وفات ڪئي



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ثابت علي شاهه ڪربلائي
استاد بخاري
انعام ٽکڙائي
شيلي
انجم هالائي
آدم هنڱورجو
خليل لاشاري
علي نواز ڏاهري
باشو 1
مير فيض محمد ٽالپر اول
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون