داخلا ؛ 1106
پڙهيو ويو ؛ 1410
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-02-06


تصويرون


Iskandar-Mirza.jpg
 اسڪندر مرزا
اسڪندر مرزا



ٽائيم لائين

1899.11.13-A.D
ميجر جنرل اسڪندر مرزا 13 نومبر 1899ع ۾ ڄائو

1969.00.00-A.D
ميجر جنرل اسڪندر مرزا 1969ع ۾ وفات ڪئي




sindhianaسنڌيانا--اسڪندر مرزا

ٽائيٽل ؛ اسڪندر مرزا


شاخ : شخصيت

اسڪندر مرزا: ميجر جنرل -اسڪندر مرزا- 13 نومبر 1899ع ۾ ڄائو، 6 -آڪٽوبر- 1955ع کان 23 مارچ 1956ع تائين -پاڪستان- جو گورنر جنرل، 23 مارچ 1956ع کان 27 -آڪٽوبر- 1958ع تائين ملڪ جو صدر رهيو. سيد -اسڪندر مرزا- 13 نومبر تي مرشد -آباد- -بنگال- ۾ ڄائو هو. سيد محمد فتح علي جو پٽ هو، جيڪو -بنگال- جي آخري نواب منصور علي خان جو پوٽو هو. ائين -اسڪندر مرزا- جو شجرو مير جعفر سان ملي ٿو. سندس ننڍپڻ -بمبئي- ۾ گذريو، شروعاتي -تعليم- ايلفُنسٽن ڪاليج مان ۽ پوءِ -بمبئي يونيورسٽي- مان حاصل ڪئي. بعد ۾ رائل ملٽري اڪيڊمي سئينڊهرسٽ مان گريجوئيشن ڪرڻ بعد برطانوي فوج ۾ شامل ٿيو ۽ مختلف علائقن ۾ فرض انجام ڏيندو رهيو. ڪجهه سال فوج ۾ نوڪري ڪرڻ بعد هو سول سروس ۾ شامل ٿيو، مختلف قبائلي علائقن ۾ پوليٽيڪل ايجنٽ طور نوڪري ڪرڻ بعد 1946ع ۾ پهرين جوائنٽ ڊفينس سيڪريٽري ۽ پوءِ ڊفينس سيڪريٽري ٿيو. برٽش انڊين آرميءَ کي انڊين ۽ -پاڪستان- آرميءَ ۾ ورهائڻ ۾ هن اهم ڪردار ادا ڪيو. -پاڪستان- ٺهڻ کانپوءِ -اسڪندر مرزا- کي هن نئين ملڪ جو سيڪريٽري دفاع مقرر ڪيو ويو. 1954ع ۾ کيس هنگامن ۽ سياسي بيچيني روڪڻ لاءِ -اوڀر- -پاڪستان- جو گورنر مقرر ڪيو ويو. جڏهن محمد علي بوگرا وزير اعظم ٿيو ته پاڻ وزير داخلا ٿيو. 1955ع ۾ قائم مقام گورنر جنرل ٿيو. سندس ئي دور ۾ -اوڀر- -پاڪستان- کي اولهه -پاڪستان- سان برابري ڏيڻ جي نالي ۾ اولهه -پاڪستان- جي سمورن صوبن کي ملائي ون يونٽ ٺاهيو ويو. -اسڪندر مرزا- ون يونٽ جو وڏو حامي هو ۽ ذاتي طور مذهب کي رياستي معاملن کان ڌار رکڻ ۾ ويساهه رکندڙ هو. -ان- جي باوجود 1956ع ۾ هن جو جهڪاءُ مذهب ڏانهن گهڻو هو. -اسڪندر مرزا- جڏهن گورنر غلام محمد کي هٽائڻ بعد گورنر جنرل ٿيو -ان- زماني ۾ هن ٻي شادي ناهيد مرزا سان ڪئي. ناهيد مرزا ايراني خاتون هئي، جيڪا -ان- کان اڳ -ايران- ۾ -پاڪستان- جي فوجي اتاشي جي زال هئي.
1956ع ۾ جڏهن -پاڪستان- جو پهريون -آئين- ٺهيو ته -اسڪندر مرزا- ملڪ جو پهريون صدر ٿيو. سندس صدارت جي ٻن سالن دوران ملڪ سخت سياسي انتشار جو شڪار رهيو. ٻن سالن جي عرصي ۾ چار وزيراعظم آيا. 1958ع ۾ جڏهن -اسڪندر مرزا- ڏٺو ته 1956ع جو -آئين- ملڪ ۾ گهوٽالي جو ڪارڻ بڻجي رهيو آهي ته هن ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪيو. هن -ايوب خان- کي ڪمانڊر -ان- چيف مقرر ڪيو. ڪجهه ئي ڏينهن ۾ -ايوب خان- -اسڪندر مرزا- کي هٽائي پاڻ مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ٿي ويو. -اسڪندر مرزا- کي جلا وطن ڪيو ويو. کيس پهرين زال مان ٻه پٽ ۽ چار ڌيئرون آهن، جڏهن ته ٻي زال ناهيد مان ڪو به اولاد نه ٿيس.
مرزا 1969ع ۾ وفات تائين لنڊن ۾ جلا وطني جي زندگي گذاري. سندس وفات وقت يحيٰ خان جي فوجي حڪومت هئي، جنهن سندس ميت -پاڪستان- آڻڻ ۽ دفنائڻ جي اجازت نه ڏني. بعد ۾ سندس لاش -تهران- نيو ويو، -جتي- شاهه -ايران- حڪومت جي سربراهه وانگر سندس -تدفين- ڪئي.




رايا ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
حوالو ؛

ڇا اوهان وٽ -اسڪندر مرزا- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

اسڪندر مرزا - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن