ابڙو احمد خان شيدا

ابڙو، احمد خان’شيدا ‘: احمد خان ولد عبدالرئوف ابڙو، 27 آڪٽوبر 1900ع تي هالا نوان ۾ ڄائو. 1916ع ۾ ورنيڪيولر امتحان پاس ڪيائين، ۽ 1918ع ۾ کيس پرائمري استاد طور تعلقي ٽنڊي محمد خان ۾ مقرر ڪيو ويو. 1924ع ۾ ٽريننگ ڪاليج فارمين، حيدرآباد مان تربيت حاصل ڪيائين. ان وقت کيس علم ادب سان دلچسپي پيدا ٿي. پهريائين مضمون ۽ افسانا لکيائين. بعد ۾ شعر و شاعريءَ سان شغل ٿيس ۽ ’شيدا‘ تخلص اختيار ڪيائين. شاعريءَ ۾ سندس استاد حافظ جان محمد جان هالائي هو. پاڻ ينگ ويلفيئر ائسوسيئيشن جو سيڪريٽري ۽ هالا مان مخدوم طالب الموليٰ جي سرپرستيءَ ۾ نڪرندڙ ماهوار رسالي ’فردوس‘ جو مئنيجر به ٿي رهيو. 1958ع ۾ هالا پراڻا پرائمري اسڪول جي هيڊماستريءَ تان وقت کان اڳي رٽائر ڪيائين. 4 مارچ 1960ع تي وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1900.10.27  عيسوي

ابڙو ، احمد خان ’ شيدا ‘ : احمد خان ولد عبدالرئوف ابڙو ، 27 آڪٽوبر 1900ع تي هالا نوان ۾ ڄائو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

زهراوي ابوالقاسم
داس طالب
درويش آلو
اسماعيل موندرو
عباسي پنجل
اعتزاز احسن
اي بي آڏواڻي
سومار سومرو
هما مير
سراج الدوله نواب
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون