تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** رائڌڻ وَرُ **

رائـڌڻ وَرُ (لـوڪ گيـت): هـي ٿـرپارڪـر جـو مـشهـور لوڪ گيت آهي. خاص ڪري وسڪاري جي موسم ۾ زالون ڳائينديون آهن. وسڪاري بعد ٿرپارڪر ۾ ماڻهو، مال ۽ سڀئي ساهوارا خوشيءَ ۾ اچي ويندا آهن. تنهنڪري جتي به زالون پاڻ ۾ گڏ ٿينديون آهن ته ڪونه ڪو گيت آلاپينديون آهن. هي گيت به انهيءَ موقعي جو آهي. هن گيت جي موضوع مان سمجھجي ٿو ته سومرن جي دؤر حڪومت ۾ حاڪم رائڌڻ سومري، ڍٽ ۾ ڪنهن تلاءَ جي ڪپ تي اچي منزل ڪئي، ڀر واري ڳوٺ جون ڪي ڇوڪريون پاڻي ڀرڻ لاءِ تلاءَ تي آيون، جن مان ٻيون ڇوڪريون ته پاڻي ڀرڻ لڳيون، پر منجھائن پٽيل جي ڌيءَ، جيڪا تمام سهڻي هئي، ان جي نظر وڃي رائڌڻ سومري تي پئي ۽ ان تي عاشق ٿي پئي. ڇوڪري گھر موٽي اچڻ شرط، گھاگھر پٽ تي اڇلائي ماءُ کي چيو ته مون کي رائڌڻ سومري سان پرڻاءِ. ماءُ پيءُ گھڻو ئي سمجھايس ته هو سنڌ جو بادشاهه، تو سان ڪيئن شادي ڪندو؟ باقي جي چئين ته تنهنجي لاءِ جيسلمير جي ڀاٽي هڙونٿ راءِ کي سڱ جو پيغام موڪليون. ڇوڪريءَ انڪار ڪيو. آخرڪار ڇوڪريءَ جي پيءُ رائڌڻ سومري کي سڱ جي آڇ ڪئي، جنهن سڱ قبول ڪيو ۽ هنن جي شادي ٿي. هن گيت ۾ اهو سمورو قصو اچي وڃي ٿو. گيت جي سٽاءُ، مضمون ۽ وراڻيءَ....وڌيڪ پڙهو