سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو
سينڱاري (Mystus armatus): ليئي مڇيءَ ۾ ڄرڪي کانپوءِ ڊيگهه ۽ وزن ۾ سينڱاري مڇيءَ جو نمبر آهي. هن مڇيءَ تي ڇلر ڪونه ٿين ۽ ان جي مٿين چمڙي لسي ۽ ليئدار ٿيندي آهي. سياري ۾ درياهن ۽ ڍنڍن ۾ هيءَ مڇي تمام گهڻي ٿيندي آهي. درياهه جي سينڱاري ڏهن کان پندرهن ڪلوگرامن تائين وزن واري به ٿئي ٿي. سينڱاري تار پاڻيءَ ۾ وهڻ لاءِ تَس يا ٿر ٺاهيندي آهي. درياهه ۾ وڏين سينڱارين جي وهڪ وارا تَس اڍائي کان ٽي فوٽ کن اونها ٿيندا آهن. سينڱاريءَ کي ٽي ڪنڊا ٿين ٿا. هڪ مٿان بوناڙ وٽ ۽ ٻه پاسن کان. اهي ڪنڊا، کيس رڇ يا ڄار ۾ ڦاسڻ وقت ڇڏائڻ ۾ مدد ڪندا آهن، جو سينڱاري اهي ڪنڊا رڇ کي هڻي، ڦاڙي نڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي، پر ڪڏهن اهي ئي ڪنڊا ڄار ۾ ڦاسڻ جو ڪارڻ بڻجندا آهن. سينڱاريءَ جا ڏند داڻ داڻ وانگر تيز ۽ تکا ٿيندا آهن. هيءَ مڇي وهڪ وارو تس بوناڙ ۽ کنڀڙن سان ٺاهيندي آهي. سينڱاري آني ڪندي آهي. سينڱاريءَ جي نر کي سَٽو به چون، لَڳَ جي مند ۾ نر مادين سان چهٽيا پيا هوندا آهن. يعني ماديءَ سان لڳي پيا تڙڳندا آهن. سينڱاري گپ ۾ منهن هڻي لڪي ويندي آهي. سينڱاري يا ٻي ليئي مڇي سنڌ کان پنجاب ۾ وڌيڪ کاڌي وڃي ٿي.....وڌيڪ پڙهو