سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
هجري تاريخ ۾
سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو
حاجي حسين: ڪتاب ’تحفة الطاهرين‘ ۾ شيخ محمداعظم لکي ٿو ته: ”حاجي حسين فقھه ۽ حديث جو وڏو عالم هو. هڪ ڏينهن تلاوت ڪلام پاڪ ڪندي سندس نظر جڏهن هن آيت ’وَلله المَشرِقُ وَالمَغرِب فَاَينَمَا تُوَلُوا فَثَمَ وَجھُ اللهِ‘ (ترجمو: ۽ اوڀر ۽ اولهه جو مالڪ الله ئي آهي، تون جيڏانهن به منهن ڪندين، تيڏانهن الله ئي هوندو.“ (سورة بقره، آيت: 115) پهتي، تڏهن ٿڌو ساهه کنيائين ۽ اڳتي هلي سڄي زندگي محبت الــٰهي ۾ گذاري ڇڏيائين. روايت آهي ته ٺٽي جو هڪ شريف ماڻهو ميرزا محمد ظفر نالي سندس عقيدتمند هو. ان هڪ ڏينهن هن بزرگ جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته ماڻهو هندستان وڃي سرڪاري نوڪريءَ جي منصب کان سرفراز پيا ٿين، منهنجي به دلي خواهش آهي ته آءٌ به وڃي ڪو منصب حاصل ڪريان. هن بزرگ هن کي هڪدم هڪ پراڻو ٿيلهو ڏنو ۽ چيائين ته جيترن پئسن جي ضرورت هجئي، هن ٿيلهي مان پيو ڪڍجان، پر ڪڏهن به هن کي کولي نه ڏسجان. مرزا احمد ظفر اهو ٿيلهو کڻي هندستان روانو ٿيو ۽ شاهجهان آباد ۾ پهچي شاهجهان بادشاهه کان وڏو منصب حاصل ڪيو. مرزا محمد ظفر ٻڌايو ته انهيءَ ٿيلهي مان هن چار سؤ رپيا خرچ ڪيا هئا.....وڌيڪ پڙهو