سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو
سڏن مٿي سڏڙا (ڪتاب): هي ڪتاب سنڌ جي نامور ليکڪ علي احمد بروهيءَ جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ متفرق مضمون شامل آهن. ڪتاب جي شروعات ۾ ليکڪ پنهنجي زندگيءَ متعلق هڪ مضمون لکيو آهي، ان کانپوءِ سنڌي ٻولي، سنڌي لوڪ ادب، سنڌ جون رسمون ۽ رواج، سنڌي عورت، اسان جا رهبر ۽ رهنما، شڪارپور جيئن مون ڏٺي ۽ ٻڌي، ناني هنگلاج جهڙا مضمون شامل آهن. ان کان سواءِ هن ڪتاب ۾ مختلف شخصيتن: وتائي فقير، ڀائي جندارام، علامه آءِ. آءِ. قاضي، ڀائي ڪنوررام، مولانا عبدالغفور سيتائي، سردار محمد ايوب خان ڪوٽائي، سيد جمال الدين بخاري، امير محمد خان نواب آف ڪالا باغ ۽ عابده پروين بابت مضمون شامل آهن.
ڪتاب جي آخري حصي ۾ ڪجھه مزاحيه مضمون شامل ڪيا ويا آهن، جن ۾ عثمان حجم جو روزو، اهو سون ئي گھوريو جو ڪن ڇني، ملان دينو ۽ ٻيا شامل آهن.
176 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب سنڌي ساهت گھر حيدرآباد 1996ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ڪتاب جو ڪچي جلد سان ملهه 70 رپيا ڄاڻايل آهي.
....وڌيڪ پڙهو