تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

2025-05-01 عيسوي تاريخ ۾


1791.05.01ع :   فقير جي پـڙ ۾ مـيـان فـقـير مـحمد جوڻيجي جي پڙ (امام بارگاهه) جي ڀرسان مائي خـيـريءَ هـيءَ عـالـيـش... وڌيڪ پڙهو 1886.05.01ع :   شڪاگو جي پهرين مئي 1886ع واري مزدورن جي مثالي مظاهري سان سڄي دنيا ۾ هڪ تحريڪ شروع ٿي ... وڌيڪ پڙهو 1903.05.01ع :  پروفيسر بي . ايڇ ناگراڻي جو جنم پهرئين مئي 1903 تي حيدرآباد ۾ ٿيو ... وڌيڪ پڙهو 1921.05.01ع :  پهرين مئي 1921ع تي ميونسپالٽيءَ جو ميمبر ٿيو ۽ 21 آگسٽ 1934ع تائين ميمبر رهيو ۽ ان عرصي ۾ ڪيترائي ڀي... وڌيڪ پڙهو 1926.05.01ع :  دادي لالي ٻائي ميگهو مل سرتاڻيءَ جو جنم چيلهار، ضلعي ٿرپارڪر ۾، 01 مئي 1926ع تي ٿيو.... وڌيڪ پڙهو 1934.05.01ع :   هيءَ اخبار ڪشنچند ڌنراج مل واسديو جي ادارت ۾ پهرين مئي 1934ع تي ’فائن آرٽس پريس‘ سکر مان ڇپجي پڌري ... وڌيڪ پڙهو 1940.05.01ع :   ناميارو اديب، شاعر ۽ تعليمي ماهر، پروفيسر سيد قلندر شاهه ولد علي ڏنو شاهه لڪياري، پهرين مئي 1940ع ت... وڌيڪ پڙهو 1947.05.01ع :  سيد امير علي شاهه ولد سيد نور علي شاهه تاريخ پهرين مئي 1947ع تي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو .... وڌيڪ پڙهو 1948.05.01ع :  هن بورڊ جو افتتاح پهريان ڪرڪيٽ ڪنٽرول بورڊ آف پاڪستان جي نالي سان ڪيو ويو... وڌيڪ پڙهو 1948.05.01ع :  پي.سي.بي جو افتتاح پهرين مئي 1948ع تي پهريان ” ڪرڪيٽ ڪنٽرول بورڊ آف پاڪستان “ جي نالي سان ڪيو ويو ... وڌيڪ پڙهو 1949.05.01ع :  ياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز جو پهريون وائيس چانسلر، ڊاڪٽر جان محمد ميمڻ، 1 مئي 1949ع ت... وڌيڪ پڙهو 1951.05.01ع :   محمد اسلم ولد حاجي رضا محمد شيخ پهرين مئي 1951ع تي شهدادڪوٽ شهر ضلعي قنبر- شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو، ... وڌيڪ پڙهو 1952.05.01ع :  انيس ميمڻ 1 مئي 1952ع تي ، ٽنڊي ڄام، ضلعي حيدرآباد ۾ محمد يعقوب ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو ... وڌيڪ پڙهو 1955.05.01ع :  اسد قريشي: مشهور اداڪار ۽ هدايتڪار اسد قريشي ولد الاهي بخش قريشي ، پهرين مئي 1955ع تي شڪارپور ۾ ڄائ... وڌيڪ پڙهو 1957.05.01ع :   مشهور ترجمي نگار، محبوب رڪ ولد محمد سومر راهوجو، پهرين مئي 1957ع تي ڳوٺ راهوجا تعلقي قمبر، ضلعي قمب... وڌيڪ پڙهو 1959.05.01ع :  امير بخش ڪلهوڙو ولد ميان محمد نواز ڪلهوڙو پهرين مئي 1959ع تي خان پور تعلقي خيرپروناٿن شاهه ۾ ڄائو. ... وڌيڪ پڙهو 1960.05.01ع :  امير بخش شر پهرين مئي 1960ع تي غريب هاري غلام اڪبر شر جي گهر ۾ پيدا ٿيو. ... وڌيڪ پڙهو 1961.05.01ع :  سنڌ جي مزاحمتي شاعر زخمي چانڊيي جو اصل نالو ڄام خان ولد مولابخش چانڊيو هو. هيءُ پهرين مئي 1961ع تي ڊ... وڌيڪ پڙهو 1963.05.01ع :  استاد، محقق ۽ اديب ڊاڪٽر عبدالوحيد انڍڙ، 1 مئي 1963ع تي هاليجيءَ ڀرسان ڳوٺ ميل انڍڙ، تعلقي پني عاقل،... وڌيڪ پڙهو 1966.05.01ع :  آزاد بخاري پهرين مئي 1966ع تي جنم ورتو .... وڌيڪ پڙهو 1969.05.01ع :  ناليوارو قومپرست ۽ اڳوڻو شاگرد اڳواڻ ساگر حنيف بڙدي، پهرين مئي 1969ع تي پڊعيدن ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄ... وڌيڪ پڙهو 1971.05.01ع :  ايوب کوسو: نئين ٽهيءَ جو شاعر ايوب کوسو ، جهڏي لڳ ڳوٺ حاجي احمد کوسي ، تعلقي ڊگهڙي ، ضلعي ميرپور... وڌيڪ پڙهو 1973.05.01ع :  انور ساگر ڪانڌڙو موري شهر جو نوجوان شاعر آهي . هن پهرين مئي 1973ع تي ڳوٺ ’ الهبچائي ڪانڌڙي ‘ تعلقي م... وڌيڪ پڙهو 1974.05.01ع :  ليکڪ، سماجي اڳواڻ ۽ سياسي ڪارڪن بخشل ٿلهو پھرين مئي 1974ع تي دُر محمد ٿلهو جي گهر نصيرآباد ۾ پيدا ٿي... وڌيڪ پڙهو 1982.05.01ع :   مير رسول بخش پهرين مئي 1982ع تي انتقال ڪيو . ... وڌيڪ پڙهو 1986.05.01ع :  هيءُ دروازو پهرين مئي 1986ع کان پاڪستان ۽ چين جي حڪومت عام گاڏين جي اچ وڃ لاءِ کوليو ويو آهي.... وڌيڪ پڙهو

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** درد جي تلاش **

درد جي تلاش (ڪتاب): هي موهن ڪلپنا جي ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو آهي، جنهن درد جي تلاش ۽ ڏهه ٻيون ڪهاڻيون شامل آهن. سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ’اٺين ڪٿا‘ هو.

’درد جي تلاش‘ مجموعي ۾ موهن ڪلپنا جون پنج نيون ڪهاڻيون ۽ ڇهه مختلف رسالن ۾ ڇپيل ڪهاڻيون شامل ڪيون ويون آهن، جيڪي سندس ڌرمپتنيءَ وٽان پبلشر نارائڻ ڀارتيءَ کي مليون، جنهن هي ڪهاڻي ڪتاب سنڌي ٽائيمس پبليڪيشن الهاس نگر پاران 1995ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. موهن ڪلپنا جي هنن ڪهاڻين متعلق نارائـڻ ڀارتـي لکي ٿـو تـه، ”هن مجموعي ۾ 11 ڪهاڻيون آهن، اڄ جي حالتن مطابق لکيل، اڄ جي زندگيءَ جون تصويرون آهن. . . هي ڪهاڻيون آئينو آهن اڄ جي وقت جو، پنهنجي وقت جو . . . هر ڪهاڻيءَ پٺيان ڪو نه ڪو اُديش، ڪو سماجڪ مقصد آهي، جنهن جو پورائو ليکڪ ڪيو آهي. ڪهاڻين کان پهرين موهن ڪلپنا جو مضمون ’منهنجي رچنا پرڪريه‘ ڏنو ويو آهي، جيڪو هن 30 جولاءِ 1988ع تي لکيو هو. ان ۾ موهن ڪلپنا لکي ٿو ته، ”مون گذريل چاليهن سالن ۾ اٽڪل سوا چار سئو ڪهاڻيون، اٽڪل هڪ سئو شعر، 12 ناول، آتم ڪٿا، ڪٿا، اٽڪل ويهه ناٽڪ ۽ 30 کن تنقيدي ليک، سوين مضمون، ٻال اُپنياس (ناول)، ادبي خاڪا، تحر....وڌيڪ پڙهو