سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو
اياز سومرو: مشھور سياستدان ۽ وڪيل محمد اياز سومرو ولد خدا بخش سومرو 31 ڊسمبر 1958ع تي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. اي ۽ ايل. ايل. بي جون ڊگريون حاصل ڪرڻ کانپوءِ وڪالت جي شروعات ڪئي. هو شاگرديءَ واري زماني کان پ پ سان وابسته رهيو ۽ سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو عھديدار رهيو. اياز سومرو شاگرديءَ جي زماني کان وٺي ايم. آر. ڊي تحريڪ تائين مختلف وقتن تي جيلن ۾ ويندو رهيو. 1987ع ۾ ٽائون ڪميٽي لاڙڪاڻي جو ڪائونسلر ٿي رهيو. هن سعودي عرب، گڏيل عرب امارات ۽ انگلنڊ جا دورا پڻ ڪيا. 2002ع جي چونڊن ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. پيشي جي لحاظ کان وڪيل اياز سومرو 2008ع جي چونڊن ۾، لاڙڪاڻي جي تڪ PS-37 تان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيڻ کانپوءِ قانون ۽ پارلياماني معاملن جو صوبائي وزير ٿي رهيو. 2011ع ۾ جيل ۽ هائوسنگ جون اضافي وزارتون به سندس حوالي رهيون. 2013ع کان 2018ع تائين قومي اسيمبليءَ جو ميمبر به رهيو. سپريم ڪورٽ بار ائسوسيئيشن جو ميمبر ۽ ڏهن سالن تائين ڊسٽرڪٽ بار لاڙڪاڻي جو صدر ٿي رهيو. 20 مارچ 2018ع تي لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪئي.....وڌيڪ پڙهو