تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

2024-06-16 عيسوي تاريخ ۾


1918.06.16ع :  ناليواري اديب ۽ تعليمدان حاجي رحيم بخش ولد حاجي محمد بخش ميمڻ 16 جون 1918ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. ... وڌيڪ پڙهو 1939.06.16ع :  ڀارت ۾ رهندڙ ناميارو سنڌي گائڪ، ڪلاڪار ۽ فلم ڊائريڪٽر سترامداس روهڙا، 16 جون 1939ع تي سکر ۾ ڄائو.... وڌيڪ پڙهو 1947.06.16ع :  مشهور اديب ۽ شاعر سيد نور رضويءَ جو پورو نالو، سيد نور علي ولد سيد ارباب علي شاهه آهي. سندس جنم 16 ج... وڌيڪ پڙهو 1950.06.16ع :   ڪھاڻيڪار ۽ محقق ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي 16 جون 1950ع تي اجمير راجسٿان ۾ نارائڻداس ڌنجاڻيءَ جي گهر ۾ جنم ... وڌيڪ پڙهو 1959.06.16ع :  سماجي اڳواڻ پنهل ساريو ولد موليٰ بخش ساريو، 16 جون 1959ع تي باڊهه، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. ... وڌيڪ پڙهو 1962.06.16ع :  12 محرم 1382ع/ 16 جون 1962ع تي امام خمينيءَ کي قُم مان گرفتار ڪيو ويو، جنهن تي لکين ماڻهو احتجاج طور... وڌيڪ پڙهو 1998.06.16ع :  صوفي شاعر اعجاز علي شاهه ‘اعجاز’ 16 جون 1998ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. سندس مزار موجوده سعيدآباد کان ... وڌيڪ پڙهو 2009.06.16ع :  اسحاق فقير ڪاري مڱڻهار 16 جون 2009ع تي وفات ڪئي.... وڌيڪ پڙهو

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** ٽالپر حاجي محمد بخش **

ٽالپر، حاجي محمد بخش: سنڌ جو نامور سياسي، سماجي ڪارڪن، محقق، تاريخدان ۽ اديب حاجي محمد بخش ٽالپر، ’شير سنڌ‘ مير شير محمد خان ٽالپر جي پوٽي مير عبدالله جو ٻيو نمبر فرزند هو. سندس تعلق ميرپورخاص سان هو. هن سياسي زندگيءَ جي شروعات 1942ع ۾ ڪئي، شروع ۾ ’ينگ بلوچ‘ پارٽيءَ جو سيڪريٽري رهيو. ان کانپوءِ حر تحريڪ، خلافت تحريڪ ۽ خاڪسار تحريڪ سان ڪم ڪيائين. هيءُ 1944ع ۾ ضلعي ايجوڪيشن ڪميٽيءَ جو ميمبر، 1955ع ۾ ضلعي ڪائونسل جو ميمبر، 1956ع ۾ ضلعي ڪائونسل ٿرپارڪر جو صدر ۽ ان ئي سال ساڳئي تڪ تان اولهه پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. 1962ع ۾ ٻيهر ضلعي ٿرپارڪر مان اليڪشن کٽيائين. هن سياست ۾ رهي پنهنجي علائقي جي عوام جي مختلف مسئلن کي حل ڪيو. اسيمبليءَ ۾ مسئلن بابت گهڻو بحث ڪرڻ تي کيس ”ڪنگ آف ڪُئسچنز“جي لقب سان سڏيو ويندو هو. هن ننگرپارڪر ۾ هاءِ اسڪول، ڪيترائي پرائمري اسڪول ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ کوهه ۽ تلاءَ ٺهرايا. هن سياست ۾ رهي ننگرپارڪر ۾ جهالت دور ڪرڻ لاءِ تعليم جو قانون منظور ڪرايو. ايوب خان جي دور حڪومت ۾ جڏهن هڪ آرڊر ذريعي ٻڪرين پالڻ تي بندش جو اعلان ٿيو ته هن اسيمبلي ۾ ان جي سخت مخالفت....وڌيڪ پڙهو