چيتن ماڙيوالا

چيتن ماڙيوالا

چيتن ماڙيوالا

چيتن ماڙيوالا: سنڌ جي تاريخ تي گهري نظر رکندڙ مشهور اديب ۽ پروفيسر چيتن ماڙيوالا 13 آڪٽوبر 1916ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو .هن جا ابا ڏاڏا اصل ۾ سيوهڻ جا رهاڪو هئا. تاريخ (History) جي مضمون ۾ ايم اي ڪرڻ کان پوءِ چيتن ماڙيوالا ڊي .جي .سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ تاريخ جو استاد مقرر ٿيو ۽ 1947ع تائين اسسٽنٽ پروفيسر جي حيثيت ۾ تعليمي خدمتون انجام ڏيندو رهيو ،جنهن جو بعد ۾ پرنسپال به رهيو. ورهاڱي کان پوءِ لڏي بمبئيءَ وڃي رهيو ،جتي بمبئيءَ جي ڪيترن ڪاليجن ۾ تاريخ جي استاد طور خدمتون انجام ڏنائين. کيس، سنڌ جي تاريخ ۾ رام پنجواڻيءَ وانگر ’پروفيسر چيتن ماڙيوالا ‘طور سڃاتو ويندو آهي. چيتن ماڙيوالا نه رڳو تاريخ جي پروفيسر جي حيثيت ۾ پڙهائيندو هو، پر ساڳئي وقت سنڌ جي تاريخ تي ڪيترا مقالا ۽ مضمون پڻ لکيائين. تاريخ جي موضوع تي مبني سندس پهريون ڪتاب، 1942ع ۾ اڪبر اعظم جي چار سئو سالگرهه جي موقعي تي ’همايون جو خواب عرف اڪبر جو جنم‘ هو، جنهن تي ان زماني ۾ سنڌي ادب لاءِ جوڙيل صلاحڪار بورڊ طرفان کيس 200 روپيا انعام ڏنو ويو. سندس ٻيو ڪتاب ’تاريخي مضمون ‘1946ع ۾ ڇپيو . ان کان سواءِ سندس ٽيون ڪتاب انگريزيءَ ۾: Essay on the British Policy Towards Sindh up to the First Afghan War 1839 1947ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ ڇپيو، جنھن ۾ هيٺيان اهم مضمون شامل آهن: (1) The English Factory in Sindh( 1799-1800) (2) Seton, Smith and Saddler Mission to Sindh( 1801-1820) (3) Commercial Navigation of Indus( 1821-1832) (4) Sindh in the First Afghan War 1839 ان انگريزي ڪتاب جو ٻيو ڇاپو 1982ع ۾ انڊس پبليڪيشن ڪراچيءَ پاران شايع ڪيو ويو. سندس هڪ ٻيو اهم ڪتاب ’وڏو ڀارت جو اتهاس ‘جئه هند ڪاليج بمبئيءَ مان 1956ع ۾ ڇپيو. ان کانسواءِ ’جرنل آف سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي ‘۾ ڇپيل سندس ڪجهه اهم مضمونن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو: (1) Akbar and His Connection with Sindh( 1942) (2) The Aryans and the Dravidian Culture( 1940) (3) Brirtish Administration in Sindh( 1940) (4) British Advent in Sindh( 1940) (5) First Railway in Sindh (1944) (6) Humayun’s Sojourn in Sindh and the Birth of Akbar (1930) (7) Karachi Town :Its Trade and Taxation in the First half of 19th century (1940) (8) Origin of Karachi Municipality (1941) (9) Attempt of the Talpurs to keep the British off Karachi, between 1799-1820 (1942) (10) Two Great Occasions in the British History in Sindh (1944) (11) With John Keane Through Sindh( 1941) (12) Treaty & Trailers in Sindh- 1800-1820( 1942) چيتن ماڙيوالا جا سنڌيءَ ۾ لکيل ڪي اهم مضمون ،سماهي ’مـهـراڻ ‘۾ به ڇپيا هئا، جن مان ڪي هيٺين ريت آهن: ’ڪئٽ ڪراچي ،ڪئٽ سنڌ ‘(1-2- 1957 )، ’دوستاڻو ناتو ‘(1-1959ع)، سنڌونديءَ تي آمدرفت جو نئون رنگ( 3-4- 1960ع)، هندستان تي روسي ڪاهه جو اُڊڪو ( 3-4- 1963ع ). ان کان سواءِ چيتن ماڙيوالا جا هيٺيان ڪتاب به ڇپيل آهن: وچتر ورق ( 1951ع )، سنڌي جيوت ڪهاڻي( 1953ع )، ڌيءَ جا پيءُ ڏانهن خط (1973ع)، قديم سنڌ جي تجارتي تاريخ (2004ع)، ’سانڀر جي درسنيءَ تان‘ (آتم ڪٿا، پھريون ڇاپو 1960ع (بمبئي)، ٻيو ڇاپو 2020ع (حيدرآباد، سنڌ) ۽ ’سنڌي ٻوليءَ جي عربي آئيويٽا. هنن ڪتابن کان سواءِ سندس ڪيترائي تاريخي مضمون، جرنل آف سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي ،جرنل آف رايل ايشياٽڪ سوسائٽي، سنڌ ورلڊ ليڪ بلڊرز ،جرنل آف انڊين هسٽري ،جرنل آف ڪلڪته يونيورسٽي، ائٽلس وغيره ۾ شايع ٿيل آهن. پروفيسر چيتن ماڙيوالا پھرين آگسٽ 1984ع تي ممبئيءَ ۾ وفات ڪئي.


لفظ چيتن ماڙيوالاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1916.10.13  عيسوي

سنڌ جي تاريخ تي گهري نظر رکندڙ مشهور اديب ۽ پروفيسر چيتن ماڙيوالا، 13 آڪٽوبر 1916ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو.


1984.08.01  عيسوي

پروفيسر چيتن ماڙيوالا، 1 آگسٽ 1984ع تي ممبئيءَ ۾ لاڏاڻو ڪيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

نصير سومرو 2
شاهه محمد گاڏهي
ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو
غلام مصطفيٰ ڀنڀرو
داد محمد خادم بروهي ڊاڪٽر
ستيش روهڙا
بهاري لعل ڇاٻڙيا
صابري عبدالغفار مولانا
چرنداس سهاڻي
عبدالغفار گوهر دائودپوٽو
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون