ٽگھرو

ٽِگھرو: هي غارون ديهه ڪوھستان يونين ڪائونسل غيبي ديري، ضلعي شھدادڪوٽ قمبر کان اولھ طرف 50 ڪلو ميٽر کڙڪي ڪوھه جبل جي ڏکڻ ۾ اٽڪل ڏيڍ ڪلو ميٽر جي پنڌ تي آهن. ھتي گھرن جھڙيون ٽي چرون ۽ غارون ٺھيل آھن ۽ ٽيئي گڏ آھن. مقامي ماڻھو ھنن کي ”ٽه گھرو“ سڏين ٿا. بناوت ۽ ھنڌ مان لڳي ٿو ته اھي غارون ڪائي ۽ نئنگ وارين غارن جون ھمعصر آھن ۽ ممڪن آهي ته ھتي اوائلي انسان جي رھائش هجي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو