سرپردا

سرپردا (راڳ): سرپردا بلاول ٺاٺ جو سمپورڻ راڳ آهي. هن راڳ کي پڻ بلاول جو هڪ روپ تسليم ڪيو ويو آهي. راڳ ڳائڻ جو وقت ڏينهن جو پهريون پهر آهي. هن راڳ جو وادي سر کرج (سا) ۽ سموادي سر پنچم (پا) آهي. سرپردا مسلمان نائڪن جو ٺاهيل راڳ آهي. هن راڳ جي امروهيءَ ۾ بلاول ٺاٺ کي بهرحال ظاهر ڪرڻو پوندو آهي. هن راڳ ۾ ڪٿي ڪٿي بهاڳ راڳ جي صورت به نظر ايندي آهي. بهاڳ ۾ ريکب (ري) ڪمزور يعني گھٽ لڳائبو آهي، تنهنڪري هي راڳ بهاڳ کان به بچي نڪري ٿو. ڪجھه پنڊتن جو چوڻ آهي ته هي راڳ ايمن، اليا ۽ گونڊ ملهار کي گڏائي ٺاهيو ويو آهي. هن راڳ جو ڪجھه روپ شاهه لطيف جي سُرن سان به ملي ٿو:
آروهي: سا-ري-گي-ما-ڌي-پا-ڌي-ني-سا
آمروهي: سا-ني-ڌي-پا-ني-ڌي-پا-ڌي-پا-ما-گي-ما-ري-سا
سرپردار راڳ جو ڪلاسيڪل چالو:
سا-ري-گي-ما-ڌي-ڌي-پا-پا-ما-پاما-گي-گي-ما-گي-ري-سا-گي-ما-ڌي-پا-ري-سا-سا-ري-گي-ما-ري-ري-سا-ڌي-پا-ڌي-ما-گي-ما-پا-ما-گي-ري-ري-سا
ري-سا-ني-سا-پا-ڌي-ني-سا-گي-ري-گي-ما-پا-گي-ما-ري-سا . . .


لفظ سرپرداھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو