راز ناٿن شاهي

راز ناٿن شاهي

راز ناٿن شاهي

’راز‘ ناٿن شاهي: ناليواري شاعر راز ناٿن شاهيءَ جو اصل نالو علي شير ولد نور محمد ميراڻي آهي، سندس جنم 7 آگسٽ 1947ع تي ضلعي دادوءَ جي مشهور شهر خيرپور ناٿن شاهه ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم خيرپورميرس جي ناز هاءِ اسڪول مان حاصل ڪيائين. کيس ادب سان لڳاءُ پنهنجي ناني مرحوم محمد اعظم ’اعظم‘ ميراڻيءَ کان ورثي ۾ مليو. راز ناٿن شاهي ادبي دنيا ۾ ڪهاڻيڪار طور متعارف ٿيو. هي پهريان علي شير ۽ ’عين شين‘ جي نالن سان ڪهاڻيون لکندو هو. سندس لکڻيون سنڌي روزنامن، هفتيوار اخبارن ۽ مختلف ماهوار رسالن ۾ شايع ٿينديون رهيون آهن. هڪ سال ڪهاڻيون لکڻ کانپوءِ سندس لاڙو شاعريءَ ڏانهن ٿيو، جنهن بعد ئي هن شعر جي مختلف صنفن تي به لکڻ شروع ڪيو. شاعريءَ ۾ ’راز‘ تخلص ڪتب آندائين. سندس شعر سنڌي زبان جي مشهور رسالن ۾ ڇپبا رهيا آهن. هو شاعر هئڻ سان گڏ هڪ بهترين ڪرڪيٽ رانديگر، اسٽيج فنڪار ۽ مصور پڻ آهي. هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي اٿس.
هن جو وڏو عرصو پي. ٽي. وي تي ڪاتب ۽ خطاط طور ڪم ڪندي گذريو آهي. پاڪستان ٽيليويزن جي مختلف پروگرامن جي سِرن جي خطاطي راز ناٿن شاهي ڪندو رهيو آهي، جيڪا ڏاڍي پسند ڪئي وئي آهي.
’راز‘ ناٿن شاهيءَ سنڌي ۽ اردو خطاطيءَ ۾ وڏو ڪم ڪيو آهي. سندس شاهه لطيف جي سنڌي بيتن ۽ آغا سليم جي شاهه جي منظوم اردو ترجمي تي مشتمل بيتن جي خطاطيءَ جي نمائش 16 اپريل 2010ع تي ظفر ڪاظمي گئلري، سنڌ ميوزيم، حيدرآباد ۾ ٿي.
راز ناٿن شاهي هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو.


لفظ راز ناٿن شاهيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.08.07  عيسوي

ناليواري شاعر راز ناٿن شاهيءَ جو اصل نالو علي شير ولد نور محمد ميراڻي آهي، سندس جنم 7 آگسٽ 1947ع تي ضلعي دادوءَ جي مشهور شهر خيرپور ناٿن شاهه ۾ ٿيو.


2010.04.16  عيسوي

’راز‘ ناٿن شاهيءَ سنڌي ۽ اردو خطاطيءَ ۾ وڏو ڪم ڪيو آهي. سندس شاهه لطيف جي سنڌي بيتن ۽ آغا سليم جي شاهه جي منظوم اردو ترجمي تي مشتمل بيتن جي خطاطيءَ جي نمائش 16 اپريل 2010ع تي ظفر ڪاظمي گئلري، سنڌ ميوزيم، حيدرآباد ۾ ٿي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سونو خان ملاح:
پارس رياض ملاح
سيد فضل شاهه فضل
عثمان احساني
دائم فقير
عبدالحڪيم ارشد
چانڊيو عبدالله ’اثر‘
شيطان فقير
جلال کٽي
پريم پتافي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون