ديشڪ

ديشڪ (راڳڻي): هيءَ بلاول ٺاٺ جي عوامي راڳڻي آهي. هيءَ راڳڻي مڌم تار تي ڳائي ويندي آهي. هن کي ڪرناٽڪ راڳ ۾ مرهنام جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. هن راڳڻيءَ جا انگ ڀوپاليءَ سان ملندڙ جلندڙ آهن. هن جي آروهي: ساري گا پا ڌا سا، امروهي: ساڌا پا گا ري سا، ڇيڙ: ني سا ري ري گي گا مي ما پا پا ڌي ڌا- ني ني سا ري آهن. هن راڳڻيءَ جو وادي سُر ’ڌيوت‘، سموادي سُر: ’گنڌار‘، انوادي سُر ’پنچم‘ ۽ ببادي سُر ’ني ڪومل‘ (نکاد) آهي. هيءَ راڳڻي صبح جي وقت ۾ ڇهين وڳي کان نائين وڳي تائين ڳائي وڃي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو